نيويارڪ(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ تدفين لاءِ هڪ سرد خاني جي عملي کي ان وقت زندگي جو سڀ کان وڏو ڌچڪو لڳو جڏهن هڪ مرده عورت زنده ٿي وئي. رياست نيويارڪ جي علائقي سفوڪ ڪائونٽي جي پوليس موجب 82 سالن جي عورت کي 4 فيبروري تي هڪ نرسنگ سينٽر طرفان مرده قرار ڏنو ويو هو جنهن کانپوءِ هن کي تدفين لاءِ هڪ سرد خاني ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ان عورت کي صبح 11 لڳي 15 منٽن تي مرده قرار ڏنو ويو هو ۽ ٻن پهرن جو ڏيڍ وڳي سرد خاني ۾ پهچايو ويو. ان جاءِ پهچڻ جي 40 منٽن کانپوءِ اها مرده قرار ڏيڻ جي لڳ ڀڳ 3 ڪلاڪن کانپوءِ سرد خاني جي عملي ٻڌايو ته عورت ساهه کڻي رهي آهي. ان کانپوءِ عورت کي هڪ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن جي حالت ڪيئن آهي، اهو واضح نه آهي. پوليس ٻڌايو ته نيويارڪ اٽارني جنرل جي آفيس طرفان ان واقعي جو جائزو ورتو پيو وڃي.