بالٽيمور (انٽريسٽنگ نيوز) ڊاڪٽرن جي ڏکي لکائي اسان مان اڪثر وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهن کي به مٿو کنهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي ته آخر لکيو ڇا آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مريضن کي به مونجهاري کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جڏهن دڪاندارن کي پاڻ ڊاڪٽرن جون لکيل هدايتون سمجهه ناهن اينديون، ڊاڪٽرن جي سمجهه نه ايندڙ لکڻي جي پٺيان هڪ اهم عنصر مسلسل لکڻ جي ضرورت آهي، طب جي ميدان ۾ درست تشخيص ۽ علاج لاءِ نوٽس وٺندو رهڻ تمام ضروري آهي، آمريڪا ۾ مرسي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر روٿ برٽو موجب طبي مشق گهرجائو نوعيت ڊاڪٽرن کي وسيع پيماني تي لکڻ تي مجبور ڪندي آهي

۽ اها ڊگهي لکڻي هٿ تي اثرانداز ٿيندي آهي.