ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، دهشگردي ٽوڙ عدالت پاران ڪيس ۾ نامزد 19 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ، ايندڙ ٻڌڻي7 فيبروري تائين ملتوي، خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي عمرڪوٽ ۾ تدفين سميت آخري رسمن ۾ رڪاوٽون وجھڻ، وارثن کان لاش ڦري ان جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ لاش ساڙڻ جي الزام ھيٺ آيل 18 جوابدارن کي عمرڪوٽ پوليس ڪالهه ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. پيش ٿيلن ۾ مولوي احمد شاھاڻي، مولوي رياض پنھور، شير علي سميجو، محبوب ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد پنھور، محمد صيفل پنھور، مولوي امجد، لکمير، ارشد سميجو، عليم سميجو، فقير محمد پليجو، محمد سليم ساند، بدر الدين پنھور، عبدالغفار رانگڙ، دائود پنھور ۽ معشوق خاصخيلي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت پاران نامزد جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، پر جوابدارن جرم قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ياد رھي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ 20 ڄڻا نامزد ھئا، جنھن مان ھڪ ڄڻو ميوو پنھور فوت ٿي ويو آھي، جڏھن ته ھڪ ڄڻي نويد احمد جي ننڍي عمر ھجڻ سبب ضمانت تي آزاد آھي، باقي 18 ڄڻا گرفتار آھن، جڏهن ته عدالت پاران ڪيس جي ٻڌڻي 7 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.