ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلمسازفرحان اختر ۽ رتيش سڌهوائي کي “ڊان ٿري” ۾ عورت جي مرڪزي ڪردار لاءِ نالو ملي ويو، نون اطلاعن موجب رنوير سنگهه سان گڏ پريانڪا چوپڙا ايڪشن ۾ نظر ايندي. هندستاني ميڊيا ذريعن موجب ڊان فرنچائز جي ٽيم پريانڪا چوپڙا سان رابطو ڪيو آهي ۽ ان کي نئين فلم ڪردار جي آڇ ڪئي جنهن تي اداڪاره مثبت جواب ڏنو. ٻئي طرف اها به خبر سامهون آئي آهي ته هالي ووڊ ۾ ڪامياب فلمي پراجيڪٽ کانپوءِ اداڪاره بالي ووڊ ۾ واپسي لاءِ منتظر آهيان سندس چوڻ هو ته مون کي ڊان ٿري جي آڇ پسند آئي ۽ مون فورن ها ڪري ڇڏي.
پريانڪا چوپڙا فلم ۾ پنهنجي پراڻي ڪردار روما ڀڳت ۾ سامهون ايندي ۽ اداڪاره سان گڏ ڊان ٽيم سان ڳالهيون ان جي تازي هندستاني دوري جي موقعي تي ٿيون هيون. فرحان اختر ۽ اداڪاره جي وچ ۾ شوٽنگ جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن جيڪڏهن معاملو اڪلائجي ويو ته جلد پريانڪا اليڪشن ۾ نظر ايندي.