ڪراچي(ڪامرس نيوز) ڪالهه هڪ ڀيرو وري اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿيو. ڊالر جي وڪري واري اگهه ۾ ڪالهه 4 رپين جو اضافو ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ ڊالر جي وڪري جي اوپن مارڪيٽ ۾ قيمت 329 رپيا هئي جيڪا ڪالهه وڌي 333 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته ٻين ڪرنسين جا اگهه برقرار رهيا جنهن ۾ برطانوي پائونڊ415 رپيا، سعودي ريال                 88 رپيا، يو اي اي درهم90.4 ۽ ڀارتي رپيو 3.8 تي برقرار رهيو. ڪالهه ڪويتي دينار سڀ کان مهانگو تقريبن هڪ هزار رپين تائين پهتو. وڪري جي قيمت 998 رپيا 38 پئسا رهيو. ٻئي نمبر تي بحرين جو دينار 818 رپيا 37 پئسا، ٽئين نمبر تي اوماني ريال 799 رپيا 47 پئسن جو ٿي ويو. آسٽريليا جو ڊالر 210 رپيا 50 پئسا، ڊينش ڪرون 45 رپيا 7 پئسا، قطري ريال 84 رپيا 41 پئسا ۽ سوئس فرانڪ 349 رپيا 81 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.