ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ڊالر 322 رپين تي پهتو: سون 500 رپيا سستو : اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  500 رپيا لاٿ سان 234000 مان 233500 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 2950 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 322 ۽ انٽر بينڪ ۾ 6 پئسا واڌ سان 303.05 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ ۽ يورو 2 رپيا واڌ سان 403 مان 405 ۽ 341.8 مان343.8 رپين تي پهچي ويا، ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻاڙائي جو شڪار رهي، 100 انڊيڪس 773 پوائنٽن جي لاٿ سان  46770 پوائنٽن تي بند ٿي، ڪالهه 8 ارب 28ڪروڙ رپين جا شيئرز وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن 88 ارب جي لاٿ سان 6971 ارب رپين تي بند ٿي