ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون  ۽ ڊالر کي لغام اچي ويو: ڊالر 304 رپين تي پهتو : سون 8100 رپيا سستو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 8100 رپيا لاٿ سان 216500 مان 208400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي اضافي سان 1923 ڊالر في آئونس تي  پهتو، ٻئي طرف  چاندي 120 رپيا گهٽتائي سان 2970 مان 2850 رپيا في تولو تي پهچي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 4 رپيا لاٿ سان 308 مان 304 ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.99 رپياگهٽتائي سان  302.95 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ ساڍا 3 رپيا لاٿ سان 387 مان 383.5 ۽ يورو 5 رپيا گهٽتائي سان  332 مان 327 رپين تي بند ٿيا، ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري نظر آئي، ڪالهه 100 انڊيڪس46018 پوائنٽن تي بند ٿي