ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 289.5 روپين جو ٿي ويو: سون 2000 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2000 رپيا واڌ سان 212800 مان 214800 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 23 ڊالرن جي اضافي سان 1988 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي2500 ۽ پائونڊ 357.5 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 289 مان 289.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 27 پئسا اضافي سان 288.14 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته يورو پڻ 50 پئسا واڌ سان 309 مان 309.5 رپين تي پهتو هو.