ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 282.25 رپين تي پهتو: سون 200 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ سون جو اگهه 200 رپيا واڌ سان 214300 مان 214500 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 2750 رپين تي بيٺل رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾75 پئسا واڌ سان 281.5 مان 282.25 ۽ انٽر بينڪ 2 پئسا لاٿ سان279.31 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف پائونڊ ۽ يورو هڪ رپيو لاٿ سان 357 مان 356 ۽ 305.5 مان 304.5 رپين تي پهتا هئا