ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر 280.75 رپين تي پهتو: سون 4200 رپيا سستو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 55 ارب ٻڏي ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 4200 رپيا لاٿ سان 232400 مان 228200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 40 ڊالرن جي لاٿ سان 2165 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف  چاندي 2600،  پائونڊ 357 ۽ يورو 304.5رپين تي بيٺل رهيا، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾25 پئسا لاٿ سان 281 مان 280.75 ۽ انٽر بينڪ ۾ 26 پئسا گهٽتائي سان  278.14 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي رهي، جنهن سبب سيڙپڪارن جا 55 ارب ٻڏي ويا، ڪالهه 100 انڊيڪس 265 پوائنٽن جي لاٿ سان 65151 اربن تي بند ۽ 477 پوائنٽن تي بينڊ ٿي ، 7 ارب 14 ڪروڙ رپين جا 20 ڪروڙ 84 لک شيئر وڪرو ٿيا، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 55 ارب جي لاٿ سان 9170 اربن تي پهتي