ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر 4 ڏينهن ۾ 30 رپيا لاٿ سان 220 رپين تي پهتو: سون وڌيڪ 2800 رپيا سستو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  2800 رپيا  لاٿ سان 145300 مان 142500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي مارڪيٽ ۾ سون 21 ڊالرن جي واڌ سان 1787 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 9 رپيا لاٿ سان 229 مان 220 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2.64 رپيا لاٿ سان 226.15 رپين تي پهتو، هڪ موقعي تي انٽر  بينڪ ۾ڊالر 223 رپيا تي به پهتو هو، ٻئي طرف پائونڊ 19 رپيا لاٿ سان 291 مان 272 ۽ يورو 16 رپيا گهٽتائي سان 241 مان 225 رپين تي پهتا، هوڏانهن ايڪسچينج  ايسوسيئشن جي چيئرمين ملڪ بوستان جو چوڻ هو ته  ملڪ جي  معيشت بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي، اميد آهي ته ڊالر  180 کان 190 رپين تي پهچندو، ٻئي طرف ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻئي ڏينهن به بهتري رهي، ڪالهه 100انڊيڪس  262 پوائنٽن جي واڌ سان 41330 پوائنٽن تي بند ٿي، واضح رهي ته 2 ڏينهن دوران 100 انڊيڪس ۾ 1139 پوائنٽن جو واڌارو ٿيو.