ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي پر لڳي ويا: 281 رپين تي پهچي ويو: سون 1400 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1400 رپيا واڌ سان 280800 مان 282200 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 13 ڊالرن جي اضافي سان 2703 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾30 پئسا واڌ سان 280.7 مان 281 ۽ انٽر بينڪ ۾9 پئسا اضافي سان 278.85 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 345 مان345.5 رپين تي پهتو، جڏهن ته چاندي 3350 ۽ يورو 290.5 رپين تي بيٺل رهيا.