ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي بريڪ: 287 رپين تي پهتو: سون 500 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا واڌ سان 215100 مان 215600 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 12 ڊالرن جي اضافي سان 1991 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا لاٿ سان 2530 مان 2520 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 288 مان287 ۽ انٽر بينڪ ۾ 18 پئسا گهٽتائي سان 285.79 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 3 رپيا لاٿ سان 362 مان 359 ۽ يورو 50 پئسا گهٽتائي سان 315 مان 314.5 رپين تي بند ٿيا