ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ٻيهر 291 رپين جو ٿي ويو: سون 1600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  1600 رپيا واڌ سان 216700 مان 218300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته ڊالر هڪ رپيو اضافي سان 290 مان 291 ۽ انٽر بينڪ ۾ 7 پئسا لاٿ سان 283.47 مان 283.39 رپين تي بند ٿيو، انٽر  بينڪ ۾ هڪ موقعي تي ڊالر 1.29 رپيا واڌ سان 284.75 رپين تي به پهتو هو، ٻئي طرف چاندي 2240، پائونڊ 359 ۽ يورو 313.5 رپين تي برقرار رهيا.