ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ ڊالر جي قيمت هڪ ڀيرو وري وڌي وئي ۽ انٽربينڪ ۾ ڊالر 304 رپيا 45 پئسن جو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 319.50 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به ٻاڙائي رهي. ڪالهه ناڻي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي مٿاهين اڏام جاري رهي. انٽربينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 40 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڊالر جي نئين قيمت 304 رپيا 45 پئسا ٿي وئي. جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ انٽربينڪ ۾ ڊالر 303 رپين 5 پئسن جو هو. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي اگهه ۾ ڏيڍ رپيو اضافو ٿيو. ڪالهه ڊالر جي وڪري جو اگهه 323 رپيا 50 پئسا رهيو. هڪ ڏينهن اڳ اهو اگهه 322 رپيا هو. جڏهن ته ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ شديد ٻاڙائي جو شڪار رهي. ڪالهه 100 انڊيڪس 525 پوائنٽون گهٽجي 46 هزار 244 تي بند ٿيو. ڪل 20 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا ۽ 8 ارب 98 رپين جو ڪاروبار ٿيو. مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن 76 ارب رپيا گهٽجي 6 هزار 895 ارب رپيا رهجي وئي.