ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام: 280 رپين تي پهچي ويو: سون 400 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا لاٿ سان 275400 مان 275000 رپيا في تولو تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2632 ڊالر في آئونس  تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾15 پئسا اضافي سان 279.85 مان 280 ۽ انٽر بينڪ ۾ 6 پئسا واڌ سان 278.62 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 350.5 مان351.5 ۽ يورو ڏيڍ رپيو اضافي سان 290 مان 291.5 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 3350 رپين تي بيٺل رهي.