ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي مٿانهين اڏام: سون 1400 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1400 رپيا واڌ سان 273600 مان 274000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 11 ڊالرن جي اضافي سان 2635 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف ڊالر اوپن  مارڪيٽ ۾ 10 پئسا  واڌ سان 279.6 مان 279.7 ۽ انٽر بينڪ ۾ 9 پئسا اضافي سان 278.64 رپين تي پهتو، هوڏانهن پائونڊ ڏيڍ رپيو واڌ سان 350.85 مان 352.35 رپين تي بند ٿيو. جڏهن ته چاندي 3350 ۽ يورو 290.95 رپين تي بيٺل رهيا.