ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 328 رپين تي پهتو : سون 5600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 5600 رپيا واڌ سان 239400 مان 245000 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپيا اضافي سان 2990 مان 3000 رپيا تولو تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 4 رپيا واڌ سان 324 مان 328 ۽ انٽر بينڪ ۾ 7 پئسا لاٿ سان 305.46 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف  پائونڊ 4 رپيا واڌ سان 411 مان 415 ۽ يورو 6 رپيا واڌ سان 351 مان 357 رپين تي پهتا هئا، ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ 23 پوائنٽن جي واڌ سان 45026 پوائنٽن تي بند ٿي