ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون عالمي ۽ پاڪستان جي مارڪيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ اگهه جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ به وري اضافو ٿيو آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 4 هزار 200 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 3800 رپيا وڌي ويو ۽ تولي جو اگهه 3 لک 8 هزار رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 3255 رپيا وڌي 2 لک 64 هزار 60 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 34 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 2 هزار 944 ڊالر ٿي وئي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ مطابق انٽربينڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڪالهه ڊالر جي قيمت 279 رپيا 47 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جو اگهه 281 رپيا 35 پئسا برقرار رهيو.