ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ جي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ اڪثر ڪرنسين جا اگهه برقرار رهيا. آمريڪي ڊالر 278 رپيا 90 پئسا، برطانوي پائونڊ 353 رپيا 5 پئسا، ڪينيڊين ڊالر 200 رپيا 56 پئسا، چيني يئان 38 رپيا 98 پئسا، يورو 293 رپيا 60 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو. بحريني دينار جي وڪري جي قيمت 739 رپيا 21 پئسا، ڪويتي دينار جي 904 رپيا 49 پئسا، اوماني ريال 724 رپيا 16 پئسا ۽ قطري ريال 76 رپيا 32 پئسا رهيو.