ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته آرمي چيف سان ملاقات بعد واپارين جو اعتماد بحال ٿيوآهي،  اسانجي فوج معاشي دھشتگردي  سان به مقابلي لاء تيار آھي  ماضي ۾ ڪراچي سان زيادتي ٿيندي رهي آهي،  ڪالهه گورنر هائوس ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي کانپوءِ پريس ڪانفرنس  ڪندي  هن چيو ته اسان معاشي دهشتگردي جو مقابلو اسان گڏجي ڪنداسين، آئون ڪاروباري براداريءَ سان گڏ بيٺل رهندس. ملڪ جي معيشت هاڻي مضبوط ٿي رهي آهي.  پي آءِ اي  ۾ نقصان کانسواءِ ڪجهه به ناهي، اداري جي نجڪاريءَ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته مون نگران وزيراعظم کي چيو آهي ته ڪراچي ڌيان ڏئي. سومر ڏينهن اسلام آباد پهچي ساڻس ملاقات ڪندس. ھن چيو ته هاڻي مافياز کي وڌڻ نه ڏينداسين، هتي ڪو سسٽم نه هلندو، هن  چيو ته ڊالر جلد 290 کان 295 رپين تي پهچي ويندو