ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جا پوئتي پير: 303 رپين تي پهتو: سون 212000 رپيا في تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ سون 500 رپيا لاٿ سان 212000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 4 ڊالر لاٿ سان 1919 ڊالر في آئونس تي پهتو، واضح رهي ته هڪ هفتي دوران سون ۾ 27000 رپيا لاٿ آئي آهي، ٻئي طرف چاندي 50 رپيا لاٿ سان 314 مان 303 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 304 مان 303 رپين تي بند ٿيو . جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 383 مان 383.5 رپيا ٿي ويو، يورو وري 327 رپين تي برقرار رهيو