ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾268 ۽ انٽر بينڪ ۾ 259.99 رپيا ٿي ويو، سون 195000 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 100 رپيا لاٿ سان 195100 مان 195000 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 8 ڊالرن جي لاٿ سان  1818 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڏيڍ  رپيو لاٿ سان 268 ۽ انٽر بينڪ ۾ 94 پئسا لاٿ سان  259.99 رپيا ٿي ويو، واضح رهي ته انٽر بينڪ ۾  هلندڙ هفتي دوران ڊالر جي اگهه ۾ 2.83 رپين جي گهٽتائي آئي، هوڏانهن پائونڊ 3.12 رپين جي لاٿ سان  319.5 مان 316.38 ۽ يورو 3.15 رپين جي گهٽتائي سان  281.8 مان 278.65  رپين تي پهتا