ڪراچي(ڪامرس نيوز) اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو، ڪويت جو دينار سڀ کان مهانگو 917 رپيا 70 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ۽ بين ڪرنسين جا سودا ڪيا ويا. هڪ ڏينهن اڳ ڊالر جي وڪري جو اگهه 280 رپيا 50 پئسا هو جيڪو ڪالهه وڌي 280 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.  ٻين ڪرنسين جا برقرار رهيا. جڏهن ته آسٽريليا جو ڊالر 184 رپين ۾، بحرين جو دينار 748 رپيا 98 پئسن ۾، ڪويتي دينار 917 رپيا 70 پئسن ۾، اوماني ريال 731 رپيا 75 پئسن ۾ ۽ قطري ريال 77 رپيا 23 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو.