ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ جي ناڻي مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو. آءِ ايم کان 70 ڪروڙ ڊالرن جي قسط ملڻ، عرب امارات جو 2 ارب ڊالر ڊپازٽ قرض رول اوور ٿين ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل، ڪوئلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ملڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو اگهه وڌي ويو. انٽربينڪ ۾ ڊالر 14 پئسا سستو ٿي 280 رپيا 10 پئسن جو رهيو جيڪا 11 هفتن جي سڀ کان گهٽ سطح آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 85 پئسا گهٽجي وئي ۽ وڪري جي نئين قيمت 281 رپيا 50 پئسا رهي جيڪا هڪ ڏينهن اڳ 282 رپيا 35 پئسا هئي.