اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊالر جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي واري صورتحال تي ضابطي لاءِ ملڪ اندر ڊالر جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون تيز، 722 ڪرنسي ڊيلر حوالا ھنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف، سڀ کان وڌيڪ 205 ڊيلرن جو تعلق پنجاب سان ظاهر ٿيو آهي ذريعن مطابق ايف آءِ اي وزير اعظم هائوس ۾ رپورٽ جمع ڪرائي آھي جنهن ۾ چيو ويو آھي ته ملڪ اندر ڪل 722 ڪرنسي ڊيلر هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث آھن جن ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ 205 ، ڪي پي ڪي ۾ 183، سنڌ ۾ 176 ، بلوچستان ۾ 104 آزاد ڪشمير ۾ 37 اسلام آباد ۾ 17 هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث آھن، ايف آءِ اي هلندڙ سال جنوري کان هن وقت تائين ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف مجموعي طور تي 257 ڇاپا هنيا آھن جنهن دوران 361 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آھن 250 ڪيس دخل ڪيا ويا آھن، جنوري کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 4 لک 78 هزار 620 آمريڪي ڊالرن کانسواءِ 17 ڪروڙ 70 لک مختلف ملڪن جي ڪرنسي جا نوٽ هٿ ڪيا ويا آھن مجموعي طور تي جنوري کان هن وقت تائين 3 ارب روپين کان وڌيڪ جي غير ملڪي ڪرنسي هٿ آئي آھي.