ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر کي عارضي بريڪ : 309 رپين تي بيٺل : سون پڻ 900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا لاٿ سان 237800 مان 236900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 250 رپيا واڌ سان 2900 مان 3150 رپين تي پهچي وئي، هوڏانهن چين کان 2 ارب ڊالر پهچڻ ۽ سرڪار پاران بينڪن کي ساڍا 5 ارب ڊالرن جي ادائگي ڪرڻ جي اطلاعن سبب ڊالر کي عارضي طور تي بريڪ لڳي ويو آهي، ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 309 تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 1.39 رپين جي لاٿ سان 285.74 رپين تي بند ٿيو، هڪ موقعي تي ڊالر 285.67 رپين تي به آيو هو، ٻئي طرف پائونڊ ۽ يورو هڪ رپئي جي لاٿ سان 383.5 مان 282.5 ۽ يور 332 مان 331 رپين تي بند ٿيا