ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر298 رپين تي پهچي ويو: سون تي تلوار لٽڪيل، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  جو اگهه 216000 رپيا في تولو هجڻ باوجود سونارو سون وڪڻڻ لاءِ تيار نه هئا، گذريل ڏينهن به سٽيبازن سون 222000 رپيا في تولو تي پهچائي ڇڏيو هو، ٻئي طرف  چاندي 10 رپيا لاٿ سان 2900 مان 2890 رپيا في تولو تي پهچي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 3 رپيا لاٿ سان 301 مان 298 ۽ انٽر بينڪ ۾ 86 پئسا لاٿ سان 297.96 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف  پائونڊ 6 رپيا واڌ سان 374 مان 380 رپين تي پهتو، جڏهن ته  يورو 325 رپين تي برقرار رهيو