ڪراچي (ڪامرس نيوز) انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت برقرار، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر، پائونڊ، درهم، ريال 10 پئسا سستا ٿي ويا، حڪومت ايل پي جي به سستي ڪري ڇڏي. ڪالهه انٽربينڪ ۾ ڊالر جي وڪري جي قيمت 282 رپيا 45 پئسا برقرار رهي. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿي 284 رپيا 30 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو. برطانوي پائونڊ به 10 پئسا سستو ٿي 383 رپيا 70 پئسن جو ٿي ويو. ڪيناڊين ڊالر جي قيمت ۾ به 10 پئسن جي گهٽتائي ٿي ۽ نئين قيمت 209 رپيا 90 پئسا رهي. چيني يئان هڪ رپيو 15 پئسا مهانگو ٿي 39 رپيا 15 پئسن جو وڪرو ڪيو ويو. جاپاني ين هڪ پئسو مهانگو ٿي 2 رپيا 7 پئسن جو ٿي ويو. يورو جي قيمت 20 پئسا گهٽجي وئي ۽ نئين قيمت 323 رپيا 5 پئسا رهيو. سعودي ريال 10 پئسا سستو ٿي 75 رپيا 80 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو. اماراتي درهم 10 پئسا سستو ٿي 77 رپيا 40 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ملائيشين رنگٽ 26 پئسا مهانگو ٿي 66 رپيا 24 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو. ڀارتي رپئي جي قيمت هڪ پئسو وڌي وئي ۽ نئين قيمت 3 رپيا 30 پئسا رهي. ٻئي طرف اوگرا جون لاءِ ايل پي جي 4 رپيا 62 پئسا في ڪلو سستي ڪري ڇڏي. 11.8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 54 رپيا 60 پئسا سستو ٿي ويو ۽ نئين قيمت هاڻ 2 هزار 838 رپيا 31 پئسا هوندي. ايل پي جي في ڪلو 245 رپيا مان گهٽجي 241 رپيا ٿي وئي آهي.