ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) ڊار ڊالر کان هارائي ويو: ڊالر انٽر بينڪ ۾ 255.43 ، اوپن مارڪيٽ ۾ 262  ۽ گري مارڪيٽ ( هنڊي) ۾ 267  رپين تي پهچي ويو، سون پڻ  195500 رپيا في تولو ٿي ويو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 729 پوائنٽن جو  اضافو: ان ڏس ۾  ورتل جائزي موجب ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  5300 رپين جي واڌ سان 190200 مان 195500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي گولڊ مارڪيٽ  ۾ سون 11 ڊالرن جي اضافي سان  1936 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن  ڊالر انٽر  بينڪ ۾ پهريون ڀيرو 25.54 رپين جي ريڪارڊ واڌ سان 230.89  مان 255.43 رپين تي پهتو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾  ڊالر  19 رپيا واڌ سان 243 مان 262 رپيا ٿي ويو، بليڪ مارڪيٽ  ۾ وري ڊالر  267 رپين تي پهتل هو،  ٻئي طرف  پائونڊ  اڍائي رپيا اضافي سان  311.5 مان 314 ۽ يورو هڪ رپيو 70 پئسا واڌ سان 275 مان 276.70 رپيا تي پهتا هئا، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس 729 پوائنٽن جي واڌ سان 39784  پوائنٽن تي بند ٿي، هڪ موقعي تي  انڊيڪس 590 پوائنٽن تي بينڊ ٿي، ڪالهه 10ارب57 ڪروڙ رپين جا 26 ڪروڙ 9 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن  93 اربن جي واڌ سان  6297 اربن تي پهتي، ٻئي طرف ايڪسچينج ڪمپنين جي ايسوسيشن جي سربراهه ملڪ بوستان خان جو چوڻ جو ته  اسان پاران ڊالر کي ڇوٽ ڇڏڻ سان اوپن مارڪيٽ ۽ بليڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو فرق رڳو 5 رپين جو رهجي ويو آهي، جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ گهٽجي يا برابر ٿي ويندو، هن چيو ته اسان جي اوليت ڊالر جي بيلڪ مارڪيٽنگ جو خاتمو هو، اسان جي موجوده قدم سان في الحال ڊالر  260 رپين تي بيهجي ويندو، ڊالر کي مستقل طور تي لغام وجهڻ لاءِ  اسان کي افغان ٽرانزٽ  جي حوالي سان افغانستان سان ڳالهائڻو پوندو، هن چيو ته افغان ٽرانزٽ جو حجم 2 ارب ڊالر آهي، افغانستان وٽ نه ڊالر آهن ۽ نه ئي وري اهي ايل سي کولين ٿا ، اهي پاڪستان مان ڊالر بليڪ تي خريد ڪري افغان ٽرانزٽ ڪن ٿا، بعد ۾ افغان ٽرانزٽ واريون شيون اسمگل ٿي پاڪستان پهچن ٿيون، انهي سان پاڪستان  کي ڊالر سان گڏ امپورٽ ڊيوٽي جي مد ۾ اربن جو نقصان ٿئي ٿو، واضح ر هي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وزارت سنڀالڻ کان اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته ڊالر جو اصل ملهه  200 رپين کان گهٽ آهي، ڊارجي وزارت سنڀالڻ باوجود ڊالر  هڪ ڏينهن لاءِ به 200 رپين تي نه پهتو هو

ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بينڪ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي ذخيرا 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويا . اسٽيٽ بينڪ موجب ذخيرا 20 جنوري تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ مجموعي طور تي 99 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿيا. ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 20 جنوري تائين 9.45 ارب ڊالر رهيا، اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 92 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 3.67 ارب ڊالر رهيا، جيڪي رڳو ٽن هفتن جي امپورٽ لاءِ ڪافي هوندا. ڪمرشل بينڪن جا ذخيرا 6.76 ڪروڙ ڊالر گهٽ ٿي 5.77 ارب ڊالر رهيا. انهي کان اڳ فيبروي 2014 ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ موجود ڊالر جي سطح ايتري گهٽجي هئي.