ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ ترجمان شعيب شاهين عثمان ڊار جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عثمان ڊار گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو، برداشت جي به هڪ حد هوندي آهي سنڌ جي گهرو وزير بيان ڏنو هو ته عثمان ڊار گرفتار آهي، عثمان ڊار کي رضاڪاراڻه بيان ڏيڻ گهرجي ها ته ايترا ڏينهن غائب ڇو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين ته گرفتار هو ان کي ڪهڙي خبر ته پويان ڇا ٿي رهيو آهي، فياض چوهاڻ نعرا هڻي گرفتاري ڏني ۽ يوٽرن وٺي واپس اچي ويو، تنوير الياس پارٽي ڇڏڻ بعد بيان ڏنو،  اسد عمر به اهو ڪڏهن ناهي چيو ته 9مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ملوث آهي،  فيصل واوڊا جن جي ترجماني ڪندو آهي اها سڀني کي خبر آهي. اسان 9مئي واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، عثمان ڊار 9مئي واقعن کان هيل تائين خاموش ڇو هو؟