اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان  ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران پاڪ ڀارت ڇڪتان ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار سي پي سي جي مرڪزي ڪاميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر وانگ يي کي علائقائي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اسحاق ڊار ڀارت جي هڪ طرفي قدمن سان بي بنياد پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين جي وزير پاڪ چين دوستي ۽ ڀائيواري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ارادن جو اظهار ڪيو. سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو، ٻنهي طرفن کان علائقائي امن، استحڪام کي برقرار رکڻ جي عزم  جو اظهار ڪيو ويو، ڌرين گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسند پاليسين جي گڏيل طور تي مخالفت ڪئي. ڌرين امن۽ پائيدار ترقي جي گڏيل مقصدن کي وڌائڻ لاءِ رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.