ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ڪالهه وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، وفاقي حڪومت جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار جو نائب وزيراعظم وارو عهدو اعزازي آهي، وٽس ڊپٽي وزيراعظم جا اختيار ناهن، اهڙي جواب بعد عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان موقعي تي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته انهي ڪيس ۾ تڪڙ وارو ڪو معاملو ناهي .