نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي مختلف رياستن هن سال سخت گرمي جي موسم کي منهن ڏنو آهي پر ان جو هڪ انوکو اٿر ٽيڪساس رياست ۾ نظر آيو. ڊيلاس جي ڏکڻ اولهه ۾ موجود ڊائنا سور ويلي اسٽيٽ پارڪ ۾ سوڪهڙي جي نتيجي ۾ قديم زماني جو ”خزانو سامهون آيو آهي. اها ڊائنا سور جي پيرن جا نشان آهن جيڪي ماهرن جي خيال ۾ 11 ڪروڙ سال پراڻا آهن. ڊائنا سور اسٽيٽ پارڪ جي مينيجر پال بيڪر ٻڌايو ته ان کان اڳ هنن ڪڏهن به ڊائنا سور جي ايڏن گھڻن قدمن جا نشان ناهن ڏٺا. هن ٻڌايو ته اهي خزاني جي ڳولا جهڙا آهن، اسان کي لڳندو هو ته اسان اتي ڊائنا سور جي قدمن جا نشان ڏسي ڇڏيا آهن، پر گذريل 2 سالن دوران سوڪهڙي سبب گھڻو ڪجهه نئون سامهو آيو آهي. سخت سوڪهڙي سبب اتي وهندڙ Paluxy درياهه مختلف هنڌن تي مڪمل طور تي خشڪ ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڊائنا سور جي مختلف قسمن جا 11 ڪروڙ سال پراڻن پيرن جا نشان سامهون اچي ويا. عام حالتن ۾ اهي هنڌ پاڻي جي اندر لڪيل هوندا آهن ۽ انهن تي گَپَ هوندي آهي جنهن سبب انهن کي ڏسڻ ناهي هوندو.