اسلام آباد: وفاقي پاڻي وزارت قومي اسيمبلي ۾ گذريل ڏهن سالن دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ويل پاڻي جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن پاڻي وزارت قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل لکت ۾ جواب ۾ دعوي ڪئي آھي ته  سال 15/2014 ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 6.86 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو ويو  جڏهن ته سال  16/2015 ۾ 36.61،سال  17/2016 ۾ 10.57،سال  18/2017 ۾ 9.49،سال  19/2018 ۾ 1.79، سال  20/2019 ۾ 12.66،سال  21/2020 ۾ 15.25، سال  22/2021 ۾ 2.11،سال  23/2022 ۾ 42.15 ۽ سال 24/2023 ۾ 14.29 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو  آهي. پاڻي وزارت ڊائون اسٽريم ۾ روزانو يا ماهوار پاڻي جي فراهمي جا تفصيل پيش ڪرڻ بدران سال وار تفصيل پيش ڪيا جن ۾ اڪثر طور ٻوڏ ۽ برساتن دوران ويندڙ پاڻي ظاهر ڪري ڊائون اسٽريم ۾ گهڻي پاڻي فراهم ڪرڻ جو تاثر ڏنو ويو آھي