سيئول(انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ ڪوريا ۾ شهرين بينڪ ڦرڻ جي دلچسپ ۽ انوکي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسن جي هڪ بينڪ ۾ سفري بيگ کڻي هڪ شخص داخل ٿيو، 30 سالن جي شخص چهري تي نقاب لڳائي رکيو هو ۽ ٽوپي به پهري رکي هئي، ڪيشيئر ڪائونٽر جي ويجهو وڃي جوابدار بيگ مان هڪ شئي ڪڍي، جيڪا ڪاري رنگ جي ٿيلهي ۾ ويڙهيل هئي، هن دانهون ڪندي سڀني کي خبردار ڪيو ته سندس وٽ هٿيار آهي، سڀ زمين تي ليٽي پون، جوابدار ڪيشيئر کي ڌمڪائي مطالبو ڪيو ته سندس بيگ ۾ رقم ڀري، ان دوران بينڪ ۾ ڪيترائي گراهڪ موجود هئا، جيڪي غير متوقع صورتحال کان ڊڄي ويا ۽ ڪجهه شور مچائڻ شروع ڪيو، ان دوران هڪ 53 سالن جي شخص جوابدار کي پڪڙي ورتو، جنهن ۾ ٻين ماڻهن به سندس مدد ڪئي، رپورٽ موجب بينڪ ۾ داخل ٿيڻ جي 2 منٽن اندر ئي جوابدار کي قابو ڪيو ويو ۽ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، 53 سالن جي شخص بابت معلوم ٿيو آهي ته اهو ڪورين اسپيشل سڪيورٽي فورس جو اڳوڻو ڪمانڊو آهي، واقعي بعد جڏهن پوليس پهتي ته جاوبدار کي هٿڪڙي لڳائي وئي، ان دوران سندس ڪاري رنگ جي ٿيلهي کي چيڪ ڪيو ويو ته ان ۾ هڪ ڊائناسور جي ڊزائن واري پاڻيءَ جي رانديڪي وارو پستول نڪتو، جيڪو ڏسي اتي سڀ ماڻهو کلڻ لڳا، هڪ بينڪ اهلڪار ٻڌايو ته ڊائناسور وارو رانديڪو پستول ڏسي سڀ کلي ته رهيا هئا، پر ڪجهه گهڙيون اڳ ئي اتي سڀ ڊنل هئا، ڇو ته ڪنهن کي معلوم نه هئو ته جوابدار وٽ پاڻيءَ وارو پستول آهي، پوليس موجب جوابدار 5 سالن کان بيروزگار آهي ۽ مالي ڏکيائين جو شڪار آهي، هن ڦر بعد فرار ٿيڻ جو ڪو منصوبو نه بڻايو هو ۽ وٽس ڪا سواري به نه هئي.