جهڏو(رپورٽ: سريش ڪمار) جهڏي ۾ پاڻي کوٽ ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي هٽائڻ لاءِ ٽيل آبادگارن باءِ پاش کان ريلي ڪڍي اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو هنيو، جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ پاڻي جي بندش خلاف ٽيل آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن بگي مائنر جمڙائو ڪئنال جي آبادگارن اياز کوسو، جليل انڙ، اياز رضوي، نياز کوسو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهڏو بائي پاس کان اسٽيشن روڊ تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ پاسي چولستان ڪئنال سميت سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي سنڌو مٿان لڳندڙ ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي آبپاشي عملدارن جمڙائو ڪئنال جي مين ٽيل بگي مائنر جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب جهڏي شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري ڪربلا جهڙا منظر آهن، مسلسل پاڻي کوٽ سبب ڪڻڪ، توريو، بصر جا فصل سڙي تباهه ٿي ويا آهن، هاڻي شهر توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي، جنهن ڪري شهر توڙي ڳوٺن ۾ انسان توڙي جانور پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، هنن چيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال اسان جي حصي جو پاڻي منڊ جي زميندارن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي راشي ڪامورن جي هٺ ڌرمي سبب اسان وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي هنن مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي هٽائي جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.