ڊائريڪٽر رات جو گهرائي مختصر لباس ۾ آڊيشن لاءِ چيو: حرا خان

0
185
ڊائريڪٽر رات جو گهرائي مختصر لباس ۾ آڊيشن لاءِ چيو: حرا خان
ڊائريڪٽر رات جو گهرائي مختصر لباس ۾ آڊيشن لاءِ چيو: حرا خان

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا حرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هڪ ڊائٽريڪٽر رات جو 11 وڳي گهرائي مختصر لباس ۾ آڊيشن ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي مون رد ڪري ڇڏيو هو. اداڪارا حرا خان جي هڪ انٽرويو جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ڪاسٽنگ فراڊ کان بچي وڃڻ جو واقعو ٻڌايو

اداڪارا حرا خان ٻڌايو ته هڪ اداڪارا ٻڌايو ته هڪ ڊائريڪٽر کي ڪاسٽ لاءِ هڪ ڇوڪريءَ جي ضرورت آهي، جنهن کانپوءِ مان اداڪارا کان ان ڊائريڪٽر جو نمبر ورتو ۽ پوءِ گهر وڃي ان ڊائريڪٽر کي ميسيج ڪيو، منهنجي ميسيج کانپوءِ ڊائريڪٽر مونکان ڪم بدران منهنجون 2 تصويرون گهريون ۽ چيو ته اسان اوهان جو ڪم نٿا ڏسڻ چاهيون بلڪ ڊائريڪٽ آڊيشن لاءِ گهرائڻ چاهيون ٿا، پوءِ هن مونکي رات 11 وڳي اچڻ لاءِ چيو

ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته مونکي آڊيشن دوران مختصر يا بولڊ لباس پهرڻو پوندو اهو آڊيشن ڳجهو ٿيندو جنهن جي وڊيوز صرف پروڊيوسر کي موڪلي ويندي، جنهن تي مون انڪار ڪري ڇڏيو. اداڪارا چيو ته ان کانپوءِ مون انڊسٽري جي ٻين ڊائريڪٽر کي فون ڪيو ۽ سموري صورتحال ٻڌائي ته هنن مونکي ٻڌايو ته آڊيشن ايئن نه ورتي ويندي آهي ۽ اهي ڊائريڪٽر نه آهن، اوهان کي دوکو ٿي رهيو آهي