ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ڇھون سنڌ لٽريچر فيسٽيول اڄ کان شروع ٿي رھيو آھي، آرٽس ڪائونسل ۾ شروع ٿيندڙ فيسٽيول جو افتتاح سنڌ جو ثقافت ۽ تعليم وارو وزير سردار شاھه ڪندو، ٽن ڏينهن واري فيسٽيول ۾ 100 کان وڌيڪ سيشن رٿيل آھن، جڏهن ته مختلف ڪتابن جا مھورت، مشاعرو ۽ موسيقي جي محفل پڻ فيسٽيول جو حصو هوندا