واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان ۽ ڀارت کي موجوده صورتحال ۾ ذميواراڻي حل ڏانهن وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت ۽ پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستان ڀارت معاملي جي حل لاءِ هڪ ذميواراڻي حل طرف وڌن. ترجمان چيو ته آمريڪا طرفان موجوده صورتحال کي ويجهي کان ڏسي رهي آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان مختلف سطح تي رابطي ۾ آهيون. ترجمان چيو ته پهلگام ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ڀارت سان گڏ بيٺا آهيون