ننگر پارڪر: ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ صرف هڪ شهر ۾ هاءِ اسڪول آهي جنهن واحد اسڪول ۾ ماسترياڻين ، فرنيچر ۽ اڻپوري عمارت آهي .ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڪل ٻارڙن جي داخلا مان فقط 37 سيڪڙو داخلا ڇوڪرين جي آهي .جڏهن ته 1998 ۾ منظور ٿيل ڊگري ڪاليج جي نئين بلڊنگ ٺهڻ باوجود ان ۾ عملو مقرر ٿي نه سگهيو آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين بند پيل آهي ۽ سنڌ سرڪار توڙي تعليم کاتي جي بي ڌياني جو انوکو مثال آهي. ننگرپارڪر تعلقي جي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻيون ڪاليج بند هجڻ سبب مٺي توڙي ٻين شهرن ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ۽ شاگردن جي تعليم تي پڻ سنڌو سئنون اثر پئجي رهيو آهي .ننگرپارڪر تعلقي جا لکين ماروئڙا صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب پنهنجي علاج لاءِ زندگي ۽ موت جي بيواٽي تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن . ننگرپارڪر جي ايم پي اي قاسم سراج سومرو کي صحت جو پارلياماني سيڪريٽري مقرر ڪرڻ باوجود هي پنهنجي تڪ جي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو .