ڇوليون … ڪجھ تلخ سوال

0
36
ڇوليون ... ڪجھ تلخ سوال

سنڌ جي سياست ڪندڙ پارٽيون ھڪ مخصوص دائري مان مٿي ڇو ڪونـ پيون اڀرن؟ اسان رڳو اشوز تي سياست ڪري پنھنجي دڪان کي چمڪائيندا رھنداسين يا واقعي ڪو قومي، جمھوري، عوامي، سياسي، انساني آئين منشور جوڙي ان کي عام ماڻھن تائين پھچائي، انھن کي قائل ڪري پنھنجي سياست جو ڪو انوکو رخ متعين ڪنداسين؟ اسان جي سياست جو محور اسان جو عوام آھي يا اسان جي پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ آھن؟ اڳواڻن جي عظمت مٿي آھي يا ڌرتي واسين جي؟ ڪارڪن پارٽين جو اثاثو آھن يا انھن جي حيثيت ڏاڪڻ واري آھي؟ اسان ملڪ اندر جمھوري روين جي ڳالھ ڪندا آھيون ڪڏھن پنھنجن پارٽين ۾ جمھوري روين جي آبياري ڪئي آھي يا نـ؟ سنڌ اندر ڇا صفا ڀينگ آھي تـ علم، عقل، ڏاھپ، دانش جا واھڙ بس آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اڳواڻن جي ميراث آھن ۽ ھن وقت تائين ڪو انھن جي پائي جيترو اڳواڻ اسري ناھي سگھيو؟ ڇا اسان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻي تاحيات مخصوص ماڻھن جي لاءِ آھي؟ اڳواڻ اتم آھن يا نظريا؟ مان انھن سوالن تي سوچيندو رھندو آھيان، منھنجي ذھن ۾ انھن جا جيڪي متوقع جواب اڀرندا آھن، اھي مون کي مايوس ڪرڻ جو سبب بڻبا آھن. مان پنھنجي سياسي تجربن، مشاھدن آڌار تي ان نتيجي تي پھتو آھيان تـ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي اھو سيکاريو ويندو رھيو آھي تـ ڪنھن بـ مخصوص پارٽيءَ سان پوري ڄمار چھٽيو رھڻ ۽ پارٽي اڳواڻ جا ڳڻ ڳائڻ ھڪ سچي، ايماندار، وفادار ڪارڪنن جي نشاني آھي، اھا انھن جي جمھوريت پسندي، وطن دوستي، قومپرستي، ترقي پسندي ليکي ويندي. پارٽي اڳواڻ کان ڪڏھن ڪا غلطي ٿي سگھي ئي نـ ٿي، اھي ديوتا آھن، انھن جي پوڄا پاٺ ڪرڻ ھر وفادار، سچي ڪارڪن تي فرض آھي. جڏھن بـ ڪنھن پارٽيءَ مان ڪي ڪارڪن ناراض ٿي الڳ ٿيندا آھن تـ اھي رات وچ ۾ پارٽيءَ جو سرمائي مان بدلجي پارٽيءَ جي ڪُکِ ۾ خنجر ھڻڻ وارن ۾ شمار ٿيڻ لڳندا آھن ۽ پوءِ انھن جون انيڪ اوڻايون، ڪچايون، غداريون ظاھر ڪيون وينديون آھن ۽ انھن جي ڪردار ڪشي پوري زور شور سان ڪري ڪارڪنن جي دلين اندر انھن خلاف نفرت، ساڙ ۽ بغض جا احساس اڀاريا ويندا آھن. ڪي دوست متان منھنجي ڳالھين کي ڪنھن مخصوص پارٽيءَ جو سمجھي منھنجي ڳالھ کي بغض معاويه ۾ شمار ڪن. مان واضح ڪندو ھلان تـ منھنجو ھي مشاھدو پاور پاليٽڪس ڪندڙ، اسمبليءَ جي ايوانن ۾ حڪومتي يا مخالف بئنچن تي ويھندڙ، نيم مذھبي نيم سياسي، نيم پيري نيم سياسي پارٽين سان گڏ قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ڪرڻ وارن ڌرين جو آھي. اوھان پاڻ اکيون ٻوٽي ڪنھن بـ سياسي پارٽيءَ تي چيچ رکي ان جي جانچ ڪندو تـ منھنجي ڳالھ اوھان کي سمجھ ۾ اچي ويندي. منھنجي ڳالھ کي پرک ڪرڻ لاءِ اوھان ڪنھن بـ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سامھون سندس پارٽيءَ جي اڳواڻ تي ڪا جائز تنقيد ڪريو، اوھان کي منھنجي اٿاريل سوالن جا جواب ملي ويندا. اسان جي سياست کي مذھب، پيري مريدي، اڳواڻن جي پوڄا پاٺ، وارين ڪوڙڪين ۾ سوگھو ڪري ٻڌو ويو آھي.

اھي ئي رويا آھن، جن جي ڪري سنڌ اندر وطن دوست، قوم دوست، عوام دوست ترقي پسند سياست ڪنھن طاقتور طوفان وانگر اڀري نـ سگھي آھي. ھتي بس اھڙي سياست جو رينگٽ تـ ھلي ٿو پر ان جو ڪو کڙ تيل ڪونـ ٿو نڪري. اسان سنڌ وارن کي نئين صف بنديءَ جي ضرورت آھي، ان جو مطلب اھو ناھي تـ اڃا ڪا ٻي سياسي پارٽي جوڙجي پر جيڪي بـ ٿالھيءَ ۾ داڻا آھن، انھن کي چمڪائڻو آھي، انھن کي سنڌ جي سياسي زمين ۾ ڏاھپ سان پوکڻو آھي. سنڌ واسين کي، سياسي ڪارڪنن کي پنھنجي اکين تي انڌي شخصيت پرستيءَ جي ٻڌل ڪارين پٽين کي لاھي حقيقتن کي سندن اصلي روپ ۾ ڏسڻ جي جرئت ڌاري انھن جا حل ڳولھڻا آھن. منھنجي خيال ۾ پنھنجي ڌرتي ۽ ان تي رھندڙ اڪثريت غريب ماڻھو اهم آھن، اسان جي سياست جو محور اھي ھئڻ گهرجن. ڪابـ سياسي ڌر جيڪڏھن اھڙي اصول جي انحرافي ڪري تـ ان پارٽيءَ جي ڪارڪنن جو فرض آھي تـ پارٽين اندر مزاحمت ڪن، پارٽين کي پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھڻ وارن جي ڪن مھٽ ڪن ۽ کين ياد ڏيارين تـ پارٽيون ڌرتي واسين جون آھن ۽ انھن کي سگھ بخشيندڙ سياسي ڪارڪن آھن، جيڪي جلسا جلوس ڪڍي، چندا ڪري، جيل جي ديوارن ۾ پنھنجي جواني جا ڏينھن ڪاٽي، سختيون برداشت ڪري، پنھنجا ڪيريئر قربان ڪري پارٽين کي سگھ بخشيندا آھن. ھن وقت حالت اھا آھي تـ ھر قسم جي پارٽين جا اڳواڻ خبر ناھي ڪھڙي جادوءَ جي لٺ استعمال ڪندي ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن ۽ سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن ساڳي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. اقتداري ايوانن ۾ جلوا افروز اڳواڻن دبئي ۽ يورپ ۾ پنھنجا گھر جوڙي ورتا آھن تـ ان معاملي ۾ اسان جا قومپرست ۽ ترقي پسند بـ ڪنھن کان گهٽ ناھن. انھن جا عاليشان محلات نما گهر ۽ ڪاروبار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھن. جيئن مون پنھنجي گذريل ڪالم ۾ مذھبي تبليغ ڪندڙن ۽ ڪجھ پيرن فقيرن جي ڳالھ ڪئي ھئي تـ جيڪي امت کي سادگيءَ جا درس ڏيندا آھن پر سندن اٿا ويٺي ڪنھن عاليشان حڪمران کان ڪنھن بـ صورت ۾ گهٽ ناھي تـ ساڳي ڪار سنڌ جي نالي سياست ڪرڻ وارن جي پڻ آھي. بحيثيت ھڪ سياسي سوچ ڌاريندڙ انسان جي مان انھن کان سوال ٿو ڪريان تـ بظاھر اوھان جو ڪو ڪاروبار ناھي تـ اوھان اھي ڪروڙن ڊالرن جون ملڪيتون ڪيئن خريد ڪيون؟ ائين تـ ناھي اھو مال اوھان کي اسان جي جذبن جي نيلامي ڪري مليو ھجي؟

ھر ھڪ پارٽي ۽ ھر پارٽي جي اڳواڻ جي سياسي زندگين ۾ اڪيچار چڱا ڪم ڪيل ھوندا آھن، انھن مختلف عوامي، قومي اشوز تي جدوجھد ڪئي ھوندي آھي، انھن مختلف سياسي مامرن تي اڪيچار تقريرون، ليڪچر ڪيل ھوندا آھن، انھن پاران سياسي، قومي، ادبي، تاريخي موضوعن تي ڪتاب لکيل ھوندا آھن، اھي شاندار ڪم آھن جن کي ساراھڻ گھرجي. پر ڇا انھن ڳالھين ڪري اھي آب زم زم مان ڌوتل پوتل پاڪ سمجھڻ گھرجن؟ ھاڻي اھي تنقيد کان مٿانھان ليکجڻ گهرجن؟ ھاڻي انھن جي غلطين کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي؟ ھاڻي انھن کان ڪا غلطي نـ ٿيندي؟ مان پنھنجي لکڻين ۾ سدائين تنقيدي سوچ اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندو رھيو آھيان. ان مان مراد بس اھائي آھي تـ اکيون بند ڪري ڪنھن جي بـ ڳالھ تي اعتبار نـ ڪجي. ھت ھر ڌر پنھنجي پراڊڪٽ کي پرڪشش، چلڪندڙ، مقدس پنن ۾ ويڙھي پيش ڪرڻ جي عادي آھي. ھن وقت مارڪيٽ ۾ جيڪي شيون تمام وڏي اگھ تي وڪامن ٿيون، انھن ۾ فرقيواريت، قومپرستي، ترقي پسندي، جمھوريت دوستي، انسان دوستي جھڙا اسم نمايان آھن.

سنڌ جي عوام سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن واھن خلاف جيڪا شاندار جدوجھد ڪئي آھي، گهر ۾ ويـٺل غدارن ۽ پاڙيسري قبضا خورن خلاف جنھن جرئت مندي مظاھرو ڪندي سندن مذموم مقصدن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي شروعات ڪري ڏيکاري آھي، اھا لاجواب آھي، ان جو ڪريڊٽ عام ماڻھن، وڪيلن، شاگردن، عورتن، ٻارڙن، ڪلاڪارن، ٽڪ ٽوڪرن سان گڏ انھن سڀني سياسي پارٽين ۽ ڌرين ڏانھن پڻ وڃي ٿو، جن جلسا جلوس ڪڍيا، ڌرڻا ھنيا، تقريرون ڪيون، مقالا لکيا ۽ ڪنھن بـ نموني ان قومي، عوامي ڪاز کي اڳتي وڌايو ۽ ان کي ھڪ ڀرپور تحريڪ جو روپ ڏنو، پر خبردار پڻ رھڻ گهرجي تـ ان جدوجھد کي جيڪڏھن ڪو ڪيش ڪرائڻ گهري تـ ان جو ڳلو پڪڙڻ گھرجي، ان کي يا انھن کي وائکو پڻ ڪجي. اسان کي ٻيو ڪجھ نـ گهرجي، بس پنھنجي وطن جي ماڻھن جي قومي، طبقاتي، سياسي، سماجي، اقتصادي آزادي گهرجي، جيڪو بـ ان راھ ۾ رڪاوٽ وجھي کيس قومي غدار قرار ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪو بـ اھڙي عمل ۾ پوري ايمانداري سان اڳتي وڌي ان کي ڳلي لڳائڻ گهرجي.