منھنجي گذريل ھفتي جي ڪالم تي تمام گهڻو صحافتي تجربو رکندڙ ۽ ماضيءَ ۾ ترقي پسند سياست ڪندڙ پيارو حميد منگي تبصرو ڪندي لکي ٿو تـ، “محترم سائين، ناراض نه ٿجو، توهان جي سوالن ۾ جواب ۽ جوابن ۾ ئي سوال آهن. باقي قوم پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ وارا نظريا ته واڌ ويجهه کان اڳ ئي فلاپ ٿيل آهن، اڳ ۾ قوم پرستيءَ جو مثال وٺون ته پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ عربن ۾ قوم پرستي آئي ته عربستان ٻن ڊزنن کان وڌيڪ ملڪن ۾ ورهائجي ويو، انهيءَ حوالي سان ٻيو وڏو مثال جرمني جو آهي، جيستائين جرمني قوم پرستيءَ واري نظرئي کان پري رهيو تيستائين دنيا جي هڪ وڏي طاقت هو، جڏهن هٽلر قوم پرستيءَ جو نعرو هنيو ته ڪجهه ئي سالن ۾ طاقت به وڃائي ويٺو ۽ وڏي شڪست سان منهن به ڏنو۔ اهڙيءَ طرح ترقي پسندي به روس جي شڪست کانپوءِ سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن جي، پوري دنيا مان موڪلائي وئي. ھن سڄي پٽاڙ جو مقصد اهو آھي ته، اهي عارضي نظريا هئا، انهي ڪري اهي عارضي عروج کانپوءِ اڌ صدي يا ان کان به وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اُڀري ناهن سگهيا. جڏهن نظريا ئي ناڪام آهن ته انهن نظرين تي هلندڙ اڳواڻ ڪيئن ڪامياب ٿيندا.
فطرت ۽ ان ۾ موجود اهم عنصرن جو گهرو جائزو وٺو، شيون ڪيئن آهستي آهستي اسرنديون آهن. جڏهن ان راز کي سمجهي وٺندا ته سڄي ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويندي.اسان کي پياري حميد منگيءَ جي راءِ کي پرکڻ گُهرجي. سندس ڪيل ڳالھ حقيقت جي ويجھو آھي سندس تبصري کي نظر انداز ڪرڻ جي غلطي ڪرڻ نه گهرجي. موصوف اسان کي بدليل حالتن کي سمجھي ڪري سياست ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي تلقين ڪندي نظر اچي ٿو. مان پاڻ ان ڳالھ جو قائل آھيان ته اسان جي وطن دوست ۽ ترقي پسند سياست جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ وقتي حالتن جو حقيقت پسنداڻو تجزيو ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ جي ڪري آھي. سياسي نظرين کي مذھبي نموني وٺڻ نه گُهرجي ته بس اھو ئي حرفِ آخر آھي، ان ۾ نه ڪا ڦير گهير ٿي سگهي ٿي، نه ان تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي. اھو لفظ “پرستي” ئي اعتراض جوڳو لفظ آھي. قوم پرستي، ذات پرستي يا ڪنھن نظرئي جي پرستيءَ جو مطلب اھو آھي ته اوھين نظرئي کي مقدس سمجھي اکيون ٻوٽي ان جي پوئواري ڪيو ٿا ۽ اوھان جي نظرن ۾ اوھان جي ان نقطئه نظر کان سواءِ سمورا نظريا باطن آھن. پرستي يا پرستش جي بدران وطن دوست، سنڌ دوست، انسان دوست مناسب ۽ متبادل لفظ آھن ۽ اھي استعمال ڪرڻ گهرجن. سنڌ جون اڪثر ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽيون سائنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جون دعويدار آھن ۽ ڪارڪنن ۾ اھڙي تبليغ ڪرڻ جو فرض نڀائينديون رھيون آھن پر حقيقت پسنديءَ سان انھن جائزو وٺبو ته سندن عمل سندن دعوائن جي بلڪل ابتڙ رھيو آھي. سنڌ اندر ترقي پسندي ۽ قومپرستيءَ جي نظرئي ھيٺ ڪم ڪندڙ سياسي تنظيمن ۽ مذھبي ڌرين، مولوين، پيرن ۽ درگاھن تي مريدي خادمي ھلائيندڙن وچ ۾ تمام ٿورو فرق نظر ايندو. انھن ۾ پنھنجين صفن اندر شخصيت پرستيءَ وارو رجحان مذھبي جذبي تحت داخل ڪيل ٿو ڏسجي. سنڌ اندر پيرن، مرشدن ۽ درگاھن جو وڏو سلسلو آھي، انھن پنھنجا لکين مريد بڻائي رکيا آھن. مريد، جن جي سوچن مطابق دنيا اندر سندن پير، مرشد کان سواءِ ڀينگ آھي، سج لھي ۽ اڀري مٿن ٿو، ملائڪ سندن مرشدن تي پکي جھل ڪيون بيٺا آھن. مرشد، جن جي اڪثريت زاني، شرابي، ڀنگوڙا، جاھل ۽ ڪوڙا آھن، جيڪي پنھنجي مريدن تي رعب تاب برقرار رکڻ لاءِ ڪيترائي دھلاري ڀرتي ڪندا آھن، جن جو ڪم ئي اھو آھي ته ھو انهن جي ڪرامتن جو پرچار ڪن. مريدن سامھون ڪوبه ماڻھو مرشد تي تنقيد ڪندو ته مريد سندس حشر نشر ڪندي دير نه ڪندا. ساڳي ڪار اسان جي قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين جي ڪارڪنن جي بڻائي ويئي آھي. انھن جي نظرن ۾ سندن ليڊر چي گويرا جھڙو گوريلو آھي، مزاحمت ڪار آھي، چوٿين دنيا جو مفڪر آھي، ايشيا جو ڏاھو آھي، سنڌ اندر قومپرستيءَ يا ترقي پسنديءَ جي بنياد رکڻ وارن مان آھي، وٽس دنيا جي علمن جو دنگ آھي، اھو سياسي، سائنسي، تاريخي، سماجي فڪر، حڪمت عملين جو ماھر آھي، مطلب ته ان جھڙو ليڊر دنيا اندر نه اڳ پيدا ٿيو ھو نه وري پيدا ٿيندو. اھڙيون سوچون ڌاريندڙ مريد ڪارڪن پنھنجي سياسي گرو، اڳواڻ يا مرشد تي ڪک بـ برداشت ناھن ڪندا، ڀلي ته اھو بدڪار ھجي، ڪنگلي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويل ھجي، قوم ۽ وطن کي غلاميءَ ۾ ڌڪڻ جھڙا ناقابل تلافي غلط فيصلا ڪيا ھجن! انھن مريد قسم جي سياسي ڪارڪنن ۽ پيرن جي مريدن ۾ ڪو فرق ناھي ھوندو، ٻنھي پاسي انڌ جا چشما سندن اکين تي چڙھيل ھوندا آھن. اھڙن سياسي روين کين اڳتي وڌڻ ۽ عوامي سطح تي پذيرائي حاصل ڪرڻ کان روڪي رکيو آھي.
مان سائين حميد منگيءَ سان ان ڳالھ تي متفق آھيان ته “فطرت ۽ ان ۾ موجود اهم عنصرن جو گهرو جائزو وٺو، شيون ڪيئن آهستي آهستي اسري رهيون آهن. جڏهن ان راز کي سمجهي وٺندا ته سڄي ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويندي”. پر افسوس ته ڪوبه اھڙي راز کي سمجھڻ لاءِ تيار ناھي. ايڪيھين صديءَ جو ٽيون ڏھاڪو پيو ھلي ۽ اسان جون سياسي پارٽيون، اڳواڻ ۽ ڪارڪن پوئين صديءَ جي ستر ۽ اسي واري ڏھاڪي ۾ ڍنڍ جي پاڻيءَ وانگر بيٺل ٿا نظر اچن. ھن وقت پڻ جيڪي مختلف قومپرست يا ترقي پسند پارٽيون سرگرم آھن، کين بدليل دنيا اندر پنھنجن رابطن کي ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍي ڪري ھلائڻ جو ھنر تمام گهٽ ٿو نظر اچي. گهڻا تڻا اڳواڻ ته اينڊرائيڊ موبائيل ھلائي ڪونه ڄاڻن، کانئن انفرميشن ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي جديد طور طريقن جي توقع رکڻ ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ برابر آھي. سنڌ جي سياسي پارٽين وٽ جدت بس اھا آھي ته انھن پنھنجا واٽس ايپ گروپ جوڙي رکيا آھن، جن تي مرڪز کان ھدايتون موڪليون وينديون آھن يا سرگرمين جون رپورٽون رکيون وينديون آھن.
جيئن منھنجي تجزين کي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو اختيار پڙھندڙن وٽ آھي، ساڳئي نموني مان پڻ پنھنجن دوستن جي راءِ سان سھمت ٿيڻ يا انھن سان اختلاف رکڻ جو حق رکان ٿو. ڪنھن به نظرئي کي ان ڪري مڪمل نموني رد ڪرڻ يا ان ڪري قبول ڪرڻ ته ان مان وقتي طرح ڪي مثبت يا منفي نتيجا نڪتا آھن صحيح ناھي. منھنجي خيال ۾ ته ھٽلر واري شاونزم کي قومپرستي سمجھڻ درست ناھي. جيڪڏھن ھٽلر جي ڪيل قھري ڪاررواين کي پاڻ قومپرستيءَ طور وٺنداسين ته پوءِ دنيا جا اھي ملڪ ۽ انھن جا سمورا ڦورو، ڌاڙيل، رھزن، قاتل، غنڊا به قومپرست ليکيا ويندا، جن پوري دنيا کي لٽي، ڦري، تباھ ۽ برباد ڪري ڦرلٽ جو مال پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ آندو. ان نموني چنگيز، هلاڪو خان ساڳي زمري ۾ اچي ويندا. ان پيماني کي لاڳو ڪرڻ سان آمريڪا، اسرائيل جھڙيون قاتل رياستون قومپرست ٿي پونديون. دنيا جا اھي سمورا ملڪ، جن ڪالونائيزيشن وارو عمل ڪيو ھو، اھي قومپرست سڏبا.
مان ان معاملي ۾ لطيف سائين جي فڪر سان سلھاڙيل آھيان. جنھن چيو ھو ته، “سائينمَ سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين”. ان فلسفي کي سامھون رکي جڏھن پاڻ پرک ڪنداسين ته دنيا جھان ۾ ڪيترا اڳواڻ پاڻ کي نظر ايندا، جھڙوڪر ڏکڻ آفريڪا جو نيلسن منڊيلا، ملائيشيا جو ڊاڪٽر مھاتير محمد، بنگلاديش جو شيخ مجيب الرحمان وغيره، جن ٻين ملڪن جي سياسي استحصال يا اقتصادي ڦرلٽ ڪرڻ کان سواءِ پنھنجن پنھنجن ملڪن کي سياسي آزادي ڏياري اقتصادي طور خوشحال ڪرڻ جا بنياد رکيا. ان کان سواءِ جيڪڏھن ڪارل مارڪس جي نظرئي جي روشنيءَ ۾ قائم ڪيل سوويت يونين جو ذڪر ھلندو ته اسان کي اھو پڻ ڏسڻو پوندو ته سوويت يونين جي قائم ٿيڻ کان اڳ روس جي حالت ڪھڙي ھئي ۽ نظرئي کي لاڳو ڪرڻ بعد اھو ملڪ ڪيئن دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت بڻجي اُڀريو ھو. سوويت يونين جي ٽُٽڻ جا اڪيچار سبب ٿي سگھن ٿا پر منھنجي خيال ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب روس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڪن اڳواڻن ڏاڍ سان عوام جي پارٽي ڪري ھلائڻ بدران پنھنجي ذاتي خواھشن پٽاندڙ ھلايو ۽ عوام جي مقبول پارٽي اڳتي ھلي آمريت جو روپ ڌاري ورتو ھو. ساڳئي نموني اتر ڪوريا ۾ اڄ پڻ ھلي رھيو آھي، پر سوشلسٽ دنيا جي ناڪاميءَ جو سبب سرمائيدار دنيا جي سامراجي سوچ ۽ پاليسين جو نتيجو پڻ آھي. انھن سوشلسٽ ملڪن تي اڪيچار پابنديون لڳائي ڇڏيون آھن، انھن جي اقتصادي واڌ ويجھ جي رستا روڪ ڪري ڇڏي اٿن، رڳو ان خوف کان ته جيڪڏھن دنيا اندر پورھيت راڄ جي حامي ملڪن جو زور وڌيو ته اھي اڳتي ھلي سندن پاڙون اُکيڙي سگھن ٿا. ٻئي پاسي سوشلسٽ دنيا جا ملڪ دنياوي سطح تي متبادل واپاري سرشتو قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا ھئا، جيڪر ھو اھو ڪم ڪري وٺن ھا ۽ پنھنجي ملڪي پيداوار جون متبادل منڊيون دوست ملڪن اندر قائم ڪن ھا ته سرمائيدار ملڪن جي ھڪ ھٽي ٽُٽي پوي ھا. ان ھوندي به چين ۽ ويٽنام ٻه اھڙا سوشلسٽ ملڪ آھن، جن پنھنجي پيرن تي بيھي پوري دنيا اندر پنھنجي ملڪي پيدوار جون منڊيون قائم ڪري ڏيکاريون آھن. سامراجي دنيا انھن جي اھڙي روش جي ڪري پريشان آھي. ان ڪري اسان سوشلسٽ نظرئي کي رد ڪرڻ کان اڳ چين ۽ ويٽنام تي نظر ضرور وجھون. انھن ملڪن جي ترقيءَ جو بنيادي سبب اھو نظريو ئي ھو، ھا، پر انھن نظرئي کي مذھب سمجھي لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪندي بدليل دنيا کي نظرن ۾ رکي ان ۾ مناسب واڌارا ۽ سڌارا ڪري پنھنجن ملڪن ۽ قومن کي ترقيءَ جي معراجن تائين پھچايو.