ڇوليون … ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ: ھڪ جھڙايون ۽ فرق

0
105
ڇوليون ... ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ: ھڪ جھڙايون ۽ فرق

سکر ۽ خيرپور جي دنگ تي آباد ٻٻرلوءِ شھر جي مھڙ وٽ ڪراچي بار جي وڪيلن جي لڳل ڌرڻي کي ھنن سٽن جي لکڻ تائين اٺ ڏينھن گذري چڪا آھن. ھاڻي ان ڳالھ کان ڪير انڪار ڪندو تـ سنڌ اندر 1983ع ۾ ملڪ اندر جمھوريت جي بحالي لاءِ شروع ڪيل ايم آر ڊي جي شاندار جدوجھد کان پوءِ پنھنجي نوعيت جي ھي ٻي تمام زبردست مزاحمتي جدوجھد ٿي آھي، جنھن کي تمام گهڻي عوامي حمايت ملي آھي. مان اھا دعوى پنھنجي ذاتي مشاھدي مطابق ڪئي آھي، ڇوتـ مان ايم آر ڊي جي جدوجھد ۽ ھن تازي وڪيلن جي شروع ڪيل تحريڪ جو عملي ساٿاري رھيو آھيان. ايم آر ڊي جي ھلايل ھلچل ۾ جڏھن ماڻھن مٿان ڳوڙھا گئس جا شيل اڇلايا ويندا ھئا تـ شھري پنھنجي گھرن جي درن تي پاڻي جا ڏول، ڊرم، تغاريون ڀري رکي ڇڏيندا ھئا تـ جيئن جدوجھد ڪندڙ ڪارڪنن ان مان ھٿ منھن ڌوئي شيلن جي زھريلي دونھي جو اثر زائل ڪري سگھن. جڏھن جلسن جلوسن ۾ لٺ بازي ٿيندي ھئي، مٿن گوليون وسايون وينديون ھيون، ڪارڪن جي گرفتارين لاءِ پوليس وارا سندن ڪڍ بگھڙن وانگر پوندا ھئا تـ شھري پنھنجي گھرن جا دروازا انھن ويڙھ ڪندڙ مجاھدن لاءِ کليل رکندا ھئا ۽ جوکم کڻي کين پناھون ڏيندا ھئا. رضاڪاراڻو گرفتارين پيش ڪندڙن جي حوصلن کي وڌائڻ لاءِ شھر جا نوجوان، ٻار ٻڍا، پڪا پوڙھا بنا ڪنھن اعلان جي مخصوص چوڪ تي گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ گرفتاريون پيش ڪندڙن پاران لڳايل نعرن جا پرجوش جواب ڏيندا ھئا. سنڌ جا نمڪ حلال صحافي ميدان جنگ بڻيل شھرن جي چوڪن تي پنھنجن قلمن ۽ ڪيمرائن سان وقت سر پھچي ويندا ھئا ۽ ڀرپور رپورٽنگ ڪري پنھنجو فرض نڀائيندا ھئا. ان وقت جي وڪيلن جا ڪيئي پينل ايم آر ڊي جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيلن جا ڪيس بنا ڪنھن معاوضي جي ھلائيندا ھئا. جڏھن ايم آر ڊي پاران رستن جي ناڪا بنديءَ جو ڪو سڏ ايندو ھو تـ شھري، ڳوٺاڻا پنھنجو سر پاڻ بنا ڪنھن قيادت جي ان سڏ جو ڀرپور ساٿ ڏيندا ھئا. مان انوقت سنڌ يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف ڪيمپس خيرپور جو شاگرد ھئس ۽ خيرپور ۽ ڪنھن حد تائين سکر ۾ ھلندڙ تحريڪ جي اڳواڻن مان ھڪ ھئس، ان ناتي اڄ تائين تنھن وقت جا خيرپور جا شھري، صحافي، شاگرد، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ لک عزتون بخشيندا آھن.

ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻي جي ٻئي ڏينھن تي جڏھن مان پنھنجي ٽيم سان اتي پھتو ھوم تـ ڪنھن ميلي جھڙو ماحول ھو. پھرين ڏينھن تي ئي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، راشد محمود سومرو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري چڪا ھئا. ڌرتي سان عشق جو ان کان وڌ ڪھڙو انمول مثال ڏئي سگھجي ٿو تـ سني ديوبندي جماعت جو اڳواڻ ۽ شيعـ عالم ھڪ ٻئي سان ڳراٽڙيون پائي مليا ھئا. ھڪ ٻئي کي چميون پئي ڏنائون ۽ اسٽيج تي گڏ بيھي تقريرون ڪري پوري دنيا کي اھو پيغام پھچايو ھئائون تـ سنڌوءَ خاطر ويڙھ ۾ اسان سڀ مسلڪي فرق وساري ھڪ ٿي سگھون ٿا، اوھان اسان کي فرقيواريت واري جھنگل ۾ رلائي نـ ٿا سگھو، بقول منشي ابراھيم جي تـ، “جڏھن بـ سنڌ سڏ ڪيو تـ پھچي پٽڪي ور ويو”. ٻئي ڏينھن تي اتي جيئي سنڌ جا اڳواڻ رياض چانڊيو، نياز ڪالاڻي ويٺل نظر آيا ھئا. شھيد ڀٽو، جيئي سنڌ محاذ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي جمھوري پارٽي جا ڪارڪن، مختلف ٽولين جي صورت ۾ پرجوش نعري بازي ڪري رھيا ھئا. وڪيل دوست مختلف سياسي پارٽين ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي مرڪزي اسٽيج تي سڏي تقريرون ڪرائي رھيا ھئا. جلسي گاھ جي چوڌاري ٿڌي پاڻي، شربت جون سبيلون لڳل ھيون، ان کان سواءِ منرل واٽر جون ھزارين بوتلون مختلف دوستن پاران اتي پھچايون ويون ھيون. ھڪ مقامي نوجوان رضاڪار گلاب جي خوشبو گڏيل ٿڌي پاڻيءَ جا ڦوھارا شرڪت ڪندڙن تي متواتر ھڻي شرڪت ڪندڙن کي گرميءَ جي شدت کان بچائي رھيو ھو. وڪيل حضرات ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي ماني ٽڪيءَ ۽ رھائش جو بندوبست جادوئي نموني ٿيل پئي نظر آيو. ڌرڻي جي بلڪل سامھون ٻٻرلوءِ جي مشھور شخصيت مرحوم حاجي اللھ بخش شيخ جي خانداني حويلي آھي. عوامي جمھوري پارٽي ضلع خيرپور جو اڳوڻ محترم ممتاز شيخ حاجي صاحب جن جو فرزند آھي، ان پنھنجي اوطاق جو ڪمرو ۽ پورو گھر شرڪت ڪندڙن حوالي ڪري ڇڏيو ھو. شرڪت ڪندڙن ۾ ٻار، نوجوان، عورتون، ننڍڙيون نياڻيون، پڪي عمر جا ماڻھو، مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ، مختلف مذھبي سوچ رکندڙ، الڳ الڳ سياسي تنظيمن سان واسطو رکندڙ ڪارڪن ھڪ نعري ھيٺ اتي اچي گڏ ٿيا ھئا تـ سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھ ڪينالن وارو منصوبو بنا دير رد ڪيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ نالي ڦٻايل زمينون صوبن کي واپس ڪيون وڃن، سنڌ وارن کي زندھ رھڻ جو حق ڏنو وڃي. سنڌ جا قلمڪار اديب، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا پروفيسر، اسڪولي ٻار، يونيورسٽين جا شاگرد، مختلف برادرين جا دوست، ڪلاڪار، سنگيت ڪار، اداڪار، صحافي، صوفي فقير ھرھڪ اتي حاضري ڀرائڻ کي پنھنجو فرض سمجھي پھچي رھيا ھئا. ڌرڻي جي ٽئين ڏينھن وري مان پنھنجي “اي جي پي” جي ساٿين سائين ڪرم حسين وساڻ، قمبر حاجاڻو، ڪريم شر، ھوش محمد ڪٽوھر، انور سومرو، سان گڏجي اتي پھتا ھئاسين تـ ان ڏينھن شرڪت ڪندڙ لکن جي تعداد ۾ پھتل ھئا. ھرطرف بس انسان ئي انسان ھئا.

ڇوٿين ڏينھن شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ بي ايس زولاجي جي آخري سال جي شاگرد ابرار مھر مون کي ڪال ڪري چيو تـ سائين مان ڌرڻي ۾ پنھنجو حصو وجھڻ ٿو چاھيان اوھان مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪيو. ابرار مھر پنج سئو منرل واٽر جون بوتلون خريد ڪيون جيڪي مون پنھنجي گاڏيءَ جي ڊگي ۽ پوئين سيٽ تي رکرايون. بخشڻ نوناري ڳوٺ جي ريڙھي واري کان مون جڏھن سندس پورو چيڪوئن جو گاڏو خريد ڪري ڌرڻي وارن ۾ ورھائڻ جي ڳالھ ڪئي تـ مسڪين پورھيت چيو “سائين مان جيتري ۾ خريد ڪري آيو آھيان، اوھان کي ساڳي اگھ ۾ ڏيندس، اوھان کي ۽ سنڌ جي قومپرستن کي جس ھجي تـ اوھان سنڌ کي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھيو”. اسان اھي خريد ڪري ڌرڻي ۾ پھچي چيڪو شرڪت ڪندڙن ۾ ورھايا جڏھن تـ پاڻيءَ جون بوتلون مختلف ڪيمپن وارن جي حوالي ڪيون سين. اتي ئي مون کي جيڪب آباد ضلعي جو رھواسي ۽ حال ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندڙ نوجوان وڪيل نورالدين ڪٽوھر، ڄام نواز علي ضلع سانگھڙ جو خادم حسين ڪٽوھر مليا.  جلسي گاھ ۾ ٿر کان آيل رجب فقير پنھنجي سرن جي ورکا ڪري رھيو ھو، ياد رھي تـ ھڪ ڏينھن اڳ سيف سميجو پڻ اتي اچي چڪا ھئا. آل سنڌ سنگيت ڪار ايسوسئيشن جي سرواڻ سائين غفور سومري پنھنجي سموري سٿ کي رات جو نوي وڳي اتي پھچي محفل مچائڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون ھيون. ڪجھ دوست اھا سس پس ڪري رھيا ھئا تـ اڃا تائين ھن ڌرڻي ۾ سائين زين شاھ ۽ محترم اياز لطيف پليجو ناھن پھتا، اڃا اھي ڳالھيون ھلي رھيون ھيون تـ جناب اياز لطيف پليجي جو پنڊال ۾ پھچڻ جو اعلان ٿيو، ۽ پليجي صاحب جي تقرير کان ٿورو وقت پوءِ سائين زين شاھ پڻ پنھنجي قافلي سان گڏ پھچي چڪا ھئا.

مون ڪراچي، اسلام آباد، لاھور ۽ ڪيترن ڌرڻن جو مشاھدو ڪيو آھي تـ اھي ڏاڍا پرتشدد ڏٺا ويا آھن. ڏنڊن، باٺن ۽ ٻين ھٿيارن سان ليس ماڻھن جا ھجوم ڌرڻن جي نالن ۾ وڏو فساد برپا ڪندا آھن پر ٻٻرلوءِ ڌرڻو پنھنجي نوعيت جو اھڙو تـ ڌرڻو ھو جنھن ۾ ڪنھن ھڪ بـ ٽرڪ، بس، ڪار يا ڪنھن ٻي سواري کي ڪو نقصان پھچايو ويو ھو آھي نـ ڪنھن انسان تي ڪو تشدد ٿيو آھي، سڀ ڪم پرامن ۽ انتھائي مھذب  نموني ٿي رھيو آھي باوجود ان جي تـ نامعلوم ماڻھن پاران ڌرڻي ۾ شريڪ عوام تي گوليون وسايون ويون آھن.

ايم آر ڊي جي جدوجھد ۽ ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي جا ٽارگيٽ ملڪ جا “اصلي تي وڊا” آھن، ٻنھي مزاحمتي تحريڪن عام ماڻھن کي وڏو متحرڪ ڪيو آھي. فرق ھيءُ آھي تـ ايم آر ڊي جي جدوجھد جي اڳواڻي انوقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي محترمـ شھيد بي نظير ڀٽو، محترمـ نصرت ڀٽو پئي ڪئي، جڏھن تـ ھاڻوڪي جدوجھد ۾ پيپلز پارٽي ھن دفعي اسٽبلشمنٽ جي ڌر طور بيٺل نظر پئي اچي ۽ سنڌي عوام جي تنقيد جو شڪار ھن وقت پ پ پ جا اڳواڻ جناب آصف علي زرداري ۽ جناب بلاول ڀٽو زرداري آھن.