پنجاب جي چولستان کان وٺي سکر، خيرپور، سانگهڙ ضلعن جي ناري وارو علائقو ۽ ٿرپارڪر جو ٿر ۽ هندستان جو راجستان هڪ عظيم صحرائي علائقو آهي. سکر ۽ روھڙي کان وٺي ڪوٽ ڏجي تائين ۽ ڪراچي کان وٺي ڪتي جي قبر قمبر شھداد ڪوٽ تائين ۽ ڪارونجھر عظيم جابلو سلسلا آھن، جن ۾ ھڪ ته انسان ذات جي تاريخ لکي پئي آھي، ٻيو ته انھن ۾ معدنيات جا عظيم ذخيرا موجود آھن. هي سمورو خطو رڳو بيابان ناهي پر هڪ رنگا رنگي علائقو آهي، ھتي واريءَ جون عظيم ڀِٽون ته آهن ئي آهن پر ان سان گڏ ڪيتريون ئي ڍنڍون پڻ آهن، سون اپائيندڙ زرخيز زمين آھي ۽ ان سان گڏ ھي علائقا قدرت پاران عطا ڪيل معدنيات جھڙوڪر گئس، ڪوئلو، لوڻ جي کاڻين سان مالا مال پڻ آھن.
دنيا اندر جن علائقن ۾ اھڙيون شيون لڌيون وينديون آھن ته سڀ کان اول مقامي ماڻھن کي ان مان پنھنجو جائز حصو ڏنو ويندو آھي ۽ اھڙن خطن، علائقن جا ماڻھو ڏسندي ڏسندي دنيا جا امير ترين انسان بڻجي پوندا آھن. سعودي عرب، قطر، دبئي ۽ يو اي اِيِ جون ٻيون رياستون ان جو چٽو مثال آھن. پر افسوس ھي آهي ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر صفا الٽي گنگا پئي وھي. سانوڻ گئس فيلڊ، ڀت جبل گئس فيلڊ، ماڙي گئس فيلڊ گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ، خاصخيلي آئل فيلڊ بدين جي آس پاس وڃي ڏسو اتي مقامي ماڻھو اڄ به پنھنجي ڪکاون چنئورن ۽ جھوپڙين ۾ رھن ٿا، جھنگ مان ڪاٺيون جمع ڪري گھر جي چُلھ ٻارين پيا ۽ کين روڊن، رستن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي ڪائي سھولت موجود ناھي. جتي جتي گئس، تيل، ڪوئلو يا ڪا ٻي معدنيات لڀي ٿي وفاقي سرڪار لٺ کڻي ٿي اچي بيھي ته، “ھي قومي ملڪيت آھي”. اھڙن قومي ملڪيت قرار ڏنل قيمتي ذخيرن ۾ علائقن جي مقامي ماڻھن کي پري ڌڪي بيھاريو ويندو آھي، ٻيو ته ٺھيو اُتي جڙيل مسجدن ۾ جيڪي مئوذن، مولوي مقرر ڪيا ويندا آھن انھن جو تعلق به قومي ملڪيت جي اصل وارث سينٽرل پنجاب سان ھوندو آھي! رڳو پنجاب کي ڏوھاري قرار ڏيڻ به مڪمل سچ ناھي، اسان جي انھن عظيم ذخيرن جو سستو سودو اسان جا مقامي سياستدان، پير، ڀوتار، وڏيرا انھن جا واٺا ڪندا رھيا آھن. ناري ۽ ٿر جي سموري زرخيز زمين تي ڌرتيءَ جي خدائن پيرن، ميرن، وڏيرن، سردارن، جاگيردارن، چوڌرين جو ناجائز قبضو ڄمايل آهي. عام ماڻھو جي مزاحمت جي روڪ ڪرڻ لاءِ ھتي ماڻهن جي سوچ سمجھ کي پيري مريدي جي چادر ھيٺيان ٿميو ويو آھي.
ھنن علائقن ۾ ڳالھ ٻولھ تعليمي، اقتصادي، سياسي، سماجي ترقي وارن موضوعن بدران سندن مرشدن جي ثناخواني تي ٻڌل ھوندي آھي. ھرڪو پنھنجي مرشد کي ٻين جي مرشدن کان عظيم تر، رحمدل ۽ ديالو ٻڌائيندو آھي. انهن جي ذهنن ۾ نسل در نسل اهو درس ڪنهن آسماني صحيفي وانگر پوکيو ويو آهي ته، “بنا مرشد جي ڪتو به صحيح ناهي هوندو”. سندن ڳالھ ٻولھ چوويھَ ڪلاڪ پنهنجي مرشد جي ثنا يا وري ٻين جي مرشدن جي گلا ڪندي گذرندي آهي. جيتوڻيڪ اهي پنهنجي اکين سان ڪيترائي مامرا پسي پڻ رهيا آهن ته ڪيئن نه ڪن چالاڪ، عيار، مڪار ۽ ظالم ماڻهن انهن مرشدن جي آڙ وٺي هزارين ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ سان گڏ ڪروڙين روپيا ناجائز ڪمايا آهن ۽ رات وچ ۾ ارب پتي بڻجي ويا آھن. ھڪ دفعي ڇاڇري کان تمام گهڻو پري ھندستان جي سرحدن ويجھو ڪنھن ڪم سان وڃڻ ٿيو ھو. چئنورن وارن گهرن تي ٻڌل ھڪ وڏو ڳوٺ ھو، جنھن جا رھواسي ۽ سندن پاليل جانور گذريل برسات وقت ترائيءَ ۾ گڏ ٿيل پاڻي گڏجي سڏجي واپرائي رھيا ھئا. ان ڳوٺ جي بلڪل سامھون واري جي ھڪ وڏي ڀٽ تي مون کي ھڪ عظيم عاليشان محلات نظر آئي ھئي. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ھئي ته اھا محلات ان ڳوٺ جي غريبن چندو ڪري پنھنجي مرشد لاءِ جوڙائي آھي. ڇٺي ڇھ ماھي جڏھن مرشد مھرباني ڪري ان پاسي مريدن کي ديدار ڪرائڻ جو شرف بخشڻ اچي ته ان محلات ۾ آرام ۽ سڪون سان رھي سگھي. ياد رھي ته مرشد کان سواءِ ان عظيم اڏاوت ڪيل گهر ۾ ٻئي ڪنھن کي به رھڻ جي اجازت ناھي ھوندي.
ساڳئي ٽوئر ۾ ئي اتي ھڪ مقامي ماڻھو پنھنجي ملتاني پير لاءِ جوڙايل عظيم چنئوري جو ذڪر وڏي چاھ سان ڪيو ھو ته اھو چنئورو ان ٽيڪنڪ سان جڙيل آھي ته ليور دٻائڻ سان کلندو آھي ۽ بند ٿيندو آھي. ان ۾ سمورو فرنيچر ۽ چنئوري جو ڪم جنڊي تي لٿل ڪاٺ مان ٿيل آھي، ٿري عورتن جي ھٿ سان جڙيل رنگ برنگي جھالرن ۽ بيش بھا رِليُن سان ان کي سجايو ويو آھي. اھو مڪمل نموني ايئرڪنڊيشن آھي. سندس وڌيڪ اھو پڻ چوڻ ھو ته سندن مرشد کي جڏھن اتي ويھاريو ويو ھو ته تمام گهڻو متاثر ٿيا ھئا ۽ ان چنئوري کي جوڙيندڙ ڪاريگر کي گهرائي خاص دعائون ڏنيون ھئائون. اسان جي اٻوجھ ماڻھن کي ان نموني ٽرڪ جي بتيءَ جي ڪڍ لڳايو ويو آھي ۽ اھي پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ بدران مرشدن جي ثناخواني، انھن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ، دعائون مڱڻ واري ڪم ۾ مگن آھن. ھي نشو آفيم، ھيروئن ۽ آئيس کان وڌيڪ زور آور آھي. نشن پتن مان دوائن جي زور تي يا خود اعتماديءَ سان جان آجي ڪري سگھجي ٿي پر جيڪي فرد ھن نموني پنھنجي غلاميءَ سان عشق ڪن انھن کي سمجھائڻ انتھائي مشڪل ڪم آھي. خيرپور جي ناري واري علائقي قادن واري توڙي سانوڻ گيس فيلڊس کان وٺي ڪوھستاني علائقن مان دريافت ٿيل گئس يا ٿر مان ڪارو سون (ڪوئلو) نڪرڻ ڪري اتان روز جي بنيادن تي ڪمپنيون کربين روپيا ڪمائين ٿيون. انھن خلاف عام ماڻھن جي دلين ۾ شديد نفرت آھي پر ان نفرت کي ماٺو مقامي غدار سياستدان، پير، فقير مختلف ھيلن بھانن سان ڪندا رھندا آھن جو اھي ڪمپنيون کين حرام جو ٽڪر الڳ ڏينديون رھنديون آھن. مون پڪ سڃاتا پنھنجا ھا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، جيڪڏھن اھي مقامي غدار پير، وڏيرا، مير، سياستدان، ڪامورا ڪڙا گهر جي ڪتي وانگر ڀاڙيا نه ٿين ته ٻاھرين گدڙ جي دل رکندڙ چورن کي مجال ناھي ته ان نموني اسان جي عظيم ذخيرن جي لٽ مار ڪري سگھن. مقامي ماڻهو انهن ڪمپنين جي عملدارن کي ته گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا پر انهن ڪمپنين مان پنهنجو حصو پتي وصول ڪندڙ پيرن، وڏيرن، سياستدانن جي درن تي به حاضريون ڀرين ٿا. کين سمجھڻ گهرجي ته اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ انھن مقامي غدارن ڪري ئي ممڪن بنجي سگھي آھي ان ڪري اسان کي پنھنجي حقن جي حاصلات واري ويڙھ ۾ مقامي ڇاڙتن جي ٻٽي ڪردار کي وائکو ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي.
ڌاريو دشمن ته ھر ڪنھن صاف ۽ چٽو نظر اچي ٿو ۽ پر گھر اندر دوست، ھمدرد، سرپرست، مرشد جي روپ ۾ ڇپ ھڻي ويٺل خطرناڪ ترين، زھريلي نانگ واريون صفتون ڌاريندڙ دشمن جي سڃاڻپ تمام ضروري آھي. ھن ڌرتيءَ تي جيڪڏھن ڪا مقدس ترين شئي آھي ته اھو انسان خود آھي ۽ جيڪڏھن ڪوبه ڪنھن به شڪل ۾ اوھان جي تقدس کي پامال ٿو ڪري ته اوھان کي حق ٿو پھچي ته ان خلاف ڀرپور آواز اٿاريو.
افسوس ھي آھي ته سنڌ سامونڊي ڪنارا رکندي، تيل، گئس، ڪوئلو، قيمتي ڀٿر رکندي به ٽي بي مرض ورتل ماڻھوءَ وانگر نٻل آھي ۽ ٿر، ڪوھستان جا رھواسي ٻاروھي ڏڪار واري صورتحال ۾ گذران ڪرڻ لاءِ مجبور بڻايا ويا آھن. مون جھڙا لکاري مختلف مامرن تي پيل دز ۽ ڌوڙ کي ھٽائي اوھان کي شين جو اصلي روپ ڏيکاري سگھن ٿا، باقي عمل ته ھرڪنھن کي پاڻ ڪرڻو آھي. جيڪڏھن دنيا جي تيز ترين قدمن سان اوھان قدم نه ملائيندو ته ڀلي نه ملايو پر ياد رکو دنيا اوھان جي ڪري بيھجي ڪونه ويندي. پنھنجا ڪپڙا ڇنڊي پنھنجي اندر جھاتي پائي، پنھنجو پاڻ سڃاڻي ھر قسم جي غلاميءَ کان پنھنجي جان آجي ڪيو، جنھن ۾ ٻئي ڪنھن جي نه پر اوھان جي پنھنجي ڀلائي آھي. جيتري دير ڪندو اوترو وڌيڪ نقصان پرائيندو.