ڇوليون … مارن مُونجھ مياس …..

0
56
ڇوليون ... مارن مُونجھ مياس .....

اسان سنڌ وارا باقي دنيا تـه ڇڏيو، پاڪستان جي ٻين قومن جھڙوڪر پنجابي، پٺاڻ يا اردو ڳالهائيندڙ گروھ کان تعليم، ھنرمندي، اقتصاديات، سوچ سمجھ، رھڻي ڪھڻي وارن مدن ۾صفا پوئتي رھجي ويل آھيون، جڏھن تـ اسان ھڪ مھذب ۽ خوشحال معاشري موھن جي دڙي جھڙي عظيم انساني ورثي جا وارث رھيا آھيون. جڏھن دنيا مڪمل نموني انڌيرن ۾ ھئي سنڌ وارا علم سان مالا مال ھئا، سندن رھڻي ڪھڻي مھذب معاشري واري ھئي، جنھن ۾ وڻج واپار ھو، علم ھو، ھنر ھو، خوشحالي ھئي، امن ھو. سوال ٿو اٿي تـ اڄ جيڪا سنڌ جي حالت آھي اھا ڇو آھي؟ ظاھر آھي ان جا ڪي ڪارڻ ھوندا. ھڪ دفعي جي ڳالھ آھي ھڪ انڌو لالٽين کنيو بازار ۾ گهمي رھيو ھو، کانئس ھڪ اکين واري پڇيو، “يار تون تـ انڌو آھين، لالٽين ڇو کنيو اٿئي؟” انڌي کيس جواب ڏنو: “ھي مان پنھنجي لاءِ ناھي کنيو، اوھان اکين وارن لاءِ کنيو آھي تـ متان مون کي ٽڪر نـ اچي ھڻو”. ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تـ ڀلي ماڻھوءَ کي اکيون ھجن پر جيڪڏھن انھن ۾ ڏاھپ ڀري روشني نـ ھوندي تـ اکيون ڪجھ بـ ڏسي ۽ پسي نـ سگهنديون. اسان کي اللھ سائين دماغ سوچڻ، سمجھڻ، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، پرکڻ لاءِ ڏنو آھي پر جيڪڏھن اسان ان کي استعمال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏينداسين تـ اھو ناڪارا ٿي پوندو ۽ پوءِ اسان ھر ايري غيري جي اوٽ پٽانگ ڳالھ جي پوئيواري ڪنداسين. اسان پنھنجي پاڙيسري جبلن ۾ سير تي ويندا رھندا آھيون. ھڪ دفعي علي علمدار جي درٻار تي ھڪ ڳوٺ لاڻي شن جو ھمراھ مليو، جيڪو ٽن ڏينھن کان اتي ٽڪيل ھو ۽ پنھنجي لاعلاج مرض جي شفا لاءِ خواب ۾ علي علمدار پير جي بشارت جو منتظر ھو. ٻئي ھڪ دفعي سخت ڪاڙھي واري موسم ۾ شاھنودي بادشاھ جي درٻار جي ٽڪري ھيٺان ھڪ ڇپ وٽ جڙيل ڪچي ڪمري ۾ ھڪ پريالوءِ جو جوان مليو ھو، جيڪو پنھنجي گهران سائيڪل تي چڙھي اتي پھتو ھو ۽ چئن ڏينھن کان اتي ترسيل ھو ۽ کيس پٽ جي اولاد جي تمنا اتي وٺي آئي ھئي. ھفتو کن اڳ لطيف سرڪار جي درٻار جي صحن اڳيان لطيفي فقيرن جي سماع پئي ٻڌم تـ اتي ٻـ نوجوان نياڻيون پنھنجا وار کولي لھر ھڻي رھيون ھيون. فقيرن جي سامھون ڪرامتي ڌاڳن جو ٿال ڀريو پيو ھو، جن تي فقير ڪجھ پڙھي شوڪاري ماڻھن کي ڏئي رھيا ھئا ۽ اھو باور ڪرائي رھيا ھئا تـ سندن اھي پڙھيل ڌاڳا ھر مرض جي دوا آھن. ٻئي ھڪ دفعي لطيف سرڪار جي درٻار ۾ صبح جو پھتا ھئاسين تـ ٻـ ٽي ڄڻا ھڪ عدد گهوڙو لطيف سرڪار جي صحن ۾ ان جڳھ تي وٺي آيا ھئا، جتي زيارتي پير اگھاڙا ڪري ويندا آھن.

سنڌ کي حد کان وڌيڪ ويساھ ڪرڻ واري موذي مرض تباھ ۽ برباد ڪيو آھي. اسان جي وڏڙن کي ڏور ڏيھ کان آيل رول ماڻھن چيو تـ “اسان وڏا پھتل پير آھيون”. اسان جا وڏڙا تعظيم بجا آڻيندي سندن مريد ٿي ويا. ڀلجي بـ ڪڏھن انھن جو شجرو ڏٺائون نـ ئي سندن پنھنجي اباڻي ملڪ ۾ سندن ڪردار بابت ڪا کوجنا ڪيائون. پيرن، فقيرن، خانقاھين اسان کي ڌاڳا ڦيڻا پڙھي شوڪارا ڦوڪارا ھنيا ۽ اسان اکيون پوري انھن تي اعتبار ڪيو تـ ھاڻي صفا ٻيڙا پار آھن. اسان پنھنجو علاج سائنسي نموني ماھر ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ کان بھتر انھن کي سمجھيو. اسان کي مُلن مولوين ٽوڻن ڦيڻن جي طاقت تي ڪامل يقين ڏياريو، ھي پڙھو تـ قرضي نـ ٿيندو، ھو پڙھو تـ مصيبت ٽري ويندي، فلاڻي دعا صبح شام پڙھو تـ دشمن پاڻھي دفع ٿي ويندو. اسان سندن ڳالھين کي اکين تي رکي اپنايو. سماج اندر پنھنجائپ، ڀائپي، درگذر، ھڪ ٻئي جي مدد، سڀني مذھبن جو احترام ڪرڻ وارن گڻن کي پاسي تي رکائي اسان کي فرقيواريت وارو زھر زم زم ڪري پياريو ويو. ٻين مذھبن کي تـ ڇڏيو پر دين اسلام ۾ متوقع ٻاھتر فرقن مان صرف سندن فرقي کي بھشت جي بشارت ڏيندي باقي سڀني کي ڪافر قرار واقعي ڏنو. اسان کي ڏيکاءُ جي چڪرن ۾ جڪڙائي انسانيت ئي گم ڪرائي ڇڏي ۽ اسان خوشي خوشي سندن پوئيواري ڪندا رھياسين. اسان کي ڪوڙن سياستدانن جمھوري نظام ۾ مالڪ ٿيڻ جي صورت ۾ سبز باغ ڏيکاريا، اقتصادي خوشحالي جا خوشنما خواب ڏيکاريا. اسان صفا گد گد ٿي ڪري ٻارين ٻچين سندن ڪڍ لڳاسين، ڏسندي ڏسندي اھي ٺڳ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا. اسان پنھنجي ھٿ جون تريون مھٽيندي رھجي وياسين. اسان کي قومپرستي، ترقي پسنديءَ جا ٽُڪا ھنيا ويا، جن جي لڳڻ سان اسان جي تن بدن ۾ آڳ جا شعلا ٻرڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي اسان جا قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻ ترقيءَ جون تڪڙيون تڪڙيون ترقيون ڪندي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھتا ۽ پويان ڪارڪن، جيلن، ميلن، ريلن ۾ رلي ويا.

ھڪ جاءِ تي چار ماڻھو الف ب ت ۽ ث بيٺا ھئا، جن مان الف سامھون بيٺل جانور ڏانھن اشارو ڪندي چيو تـه، “اھو خراساني کوتو آھي”. جنھن تي ث ساڻس متفق ٿيو، ب ساڻس اختلاف ڪندي چيو تـه، “اھو کوتو نـ پر خچر آھي”. ھڪ دفعو وري ث ان سان سھمت ٿيندي چيو تـ تون صحيح ٿو چوين، اھو کوتو نـ پر خچر آھي، ت ڏند ڪرٽيندي الف ۽ ب کي مخاطب ٿيندي چيو تـه، “اوھين ٻئي ڀليل آھيو، اھو نه کوتو، نـ ئي خچر آھي، اھو جابلو علائقن جو گهوڙو آھي”. ھڪ دفعو وري ث ساڻس سھمت ٿيندي چيو: “يار واقعي اھو تـ گهوڙو آھي”. اھو جيڪو ث آھي، اھو سنڌي آھي، ڪڏھن بـ ڪنھن جي ڳالھ رد نـ ڪندو، سڀني سان متفق ٿيندو، ڪڏھن بـ پنھنجو دماغ استعمال نـ ڪندو. ھر ايري غيري جي ڳالھ سان نـ رڳو سھمت ٿيندو پر خدا ڪارڻ انھن زٽن کي ويندو لوڪ کي ٻڌائيندو. اسان جا ماڻھو يقين جي وکر سان مالا مال آھن، جيڪا ڳالھ ٻڌندا، پڙھندا، يا کين ڪو سمجھائيندو، ان کي ڀٿر تي ليڪ سمجھي ان جي پوڄا ڪندا رھندا. اسان ھر ڪنھن جي ڳالھ تي اکيون پوري اعتبار ڪندا آھيون. ڪنھن اسان کي چيو تـه، “سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آھن”، اسان پنھنجي گهرن جا دروزا تڙجي آيلن لاءِ کولي ڇڏيا. انھن نـ رڳو اسان جي گهرن، زمينن، ڪاروباري مرڪزن، شھرن تي قبضو ڪيو پر اسان کي جاھل، نڪمو، مڄو ثابت ڪرڻ لاءِ نھن چوٽيءَ جو زور لڳايو.

سنڌ کي تھس نھس ڪري فتح ڪندڙن، سنڌي نياڻين کي بغداد جي مارڪيٽ ۾ بي لباس ڪري وڪڻندڙن، مسلمانن جي قتل عام ڪندڙ عرب سڳورن کي اسان سندن پنھنجي حق ۾ لکيل تاريخ “چچ نامي” کي لوح محفوظ جھڙو مقدس ڪتاب سمجھي اکين تي رکي پڙھيو. عربن پنھنجو پاڻ کي ايماندار، سچار، نيڪ، صالح، منصف جي لقبن القابن وارو ٻڌايو ۽ اسان اکيون پوري سندن ڳالھين تي اعتبار ڪيو.

منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تـ اسان پنھنجي دماغ ۾سوچ سمجھ، شڪ، کوجنا، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ واري روشني داخل ٿيڻ ئي ڪونـ ٿا ڏيون، جنھن سان اسان سٺي يا خراب جي پرک ڪري سگھون. ھڪ اھڙي روشني  جيڪا اسان کي صحيح واٽ ڏيکاري. بحيثيت مجموعي سنڌي سماج تقليدي سماج آھي، جنھن ۾ اسان شڪ ناھيون ڪندا، سوال ناھيون اٿاريندا، کوجنا ناھيون ڪندا، جوکم ناھيون کڻندا. ان ڪري اسان دنياوي ڊوڙ ۾ تمام پوئتي رھجي ويا آھيون.