سنڌ جي ڌرتيءَ تي امن امان جي صورتحال سوليءَ تي لٽڪيل آھي، امن امان قائم ڪرڻ وارا ادارا ڏوھاري مافيا اڳيان گوڏا کوڙي چڪا آھن ۽ ڪيترا ته ڏوھارين جي سھولتڪاري ڪندي ڪو شرم محسوس ڪونه پيا ڪن. وفاق جي نالي ۾ سياست ڪندڙ پارٽين وٽ سندن ذاتي ۽ پارٽي مفاد تمام اھم آھن، جيتوڻيڪ سندن اقتدار جي اعلى ايوانن ۾ ويھڻ جو سبب سنڌي عوام ئي آھي جن ڪيترن ڏھاڪن کان سندن ھڪ طرفو ساٿ ڏنو آھي، موٽ ۾ سندن ترجيح ۾ پنھنجي ووٽرن جي مفادن جي رکواليءَ لاءِ ڪي به رٿائون ناھن. غربت ۽ بي روزگاري ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي، پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين تعليم جو معيار تمام ڪريل آھي. اسپتالون ڪوس گهر جو ڏک پيون ڏين، ٿاڻا عام ماڻھن لاءِ گهاڻا لڳا پيا آھن. روڊ مڪمل نموني تباھ لڳا پيا آھن، شھرن اندر گندگيءَ جي ڍيرن ۽ گندي پاڻيءَ جي نڪاسيءَ کي بھتر بڻائڻ جا ڪي امڪان نظر ڪونه پيا اچن. بجلي ۽ گئس ھئڻ جو بس ان وقت احساس ٿو ٿئي جڏھن ڳاٽي ٽوڙ بل سندن اڱڻن ۾ اڇلايا ويندا آھن. ٻيو ته ٺھيو پر شھرين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي پھچائڻ جو عمل ڪيترن ڏھاڪن کان ختم ڪيو ويو آھي. قدرتي آفتن جھڙوڪر برساتن، ٻوڏ، گرمي سردي کان بچاءُ جا ڪي اپاءُ ناھن ورتا ويا. چوڻ جو مقصد ته سنڌ جو ھر شھري اللھ جي آسري تي زندگي پيو گذاري، جتي مرڻ، ذليل، خوار ٿيڻ، بيمار ٿيڻ، حادثا پيش اچڻ، طاقتور ھٿان بي عزتون ٿيڻ جھڙوڪر سندن مقدر جو حصو ٿي پيا آھن.
سنڌ جي معدني وسيلن جھڙوڪر گئس، ڪوئلو، پئٽرول، سمنڊ تي وفاق جي نالي ۾ قبضو ڪيل آھي. سنڌ تي ويھن سالن کان حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ وارا سنڌ تي سندن حڪمرانيءَ جي بدلي وفاق کي سنڌ جو ھر وسيلو ڏيڻ لاءِ ھڪيا تڪيا تيار نظر پيا اچن ۽ انھن سنڌ جي وسيلن تي سنڌ حڪومت جي مالڪي واري ڪيس کي زوردار نموني پيش ڪرڻ جي ڪڏھن ڪوشش ئي ناھي ورتي. ڪڏھن ڪڏھن اقتدار ۾ بارگيننگ جي پوزيشن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اھي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ ڪڏھن به ناھن وساريندا. اڌ سنڌ تي ڇانوڻين، بحريا ٽائون، ڊفينس ھائوسنگ اٿارٽي جي نالي ۾ قبضو ڪيو ويو آھي. سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي پارٽي اڳواڻن کي اھڙي والار تي ڪا ڳڻتي يا ڳاراڻو ناھي، ويتر ھو ملڪ رياض جھڙن سرمائيدارن جي سنڌ جي قيمتي زمين تي غيرقانوني والار واري غير آئيني، غيرقانوني عمل لاءِ وڪيل بڻيل نظر پيا اچن. سنڌ اندر لڳل صنعتن ۾ روزگار جي موقعن کان سنڌين کي شودر سمجھي پري بيھاريو ويو آھي. سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف اٿندڙ آوازن کي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. سنڌو ۽ ان ۾ صدين کان ايندڙ پاڻي سنڌ جي اقتصادي، سماجي سگھ لاءِ ڪرنگھي جي ھڏيءَ جھڙي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ماڻھن جي تمام وڏي پٺڀرائي ۽ ووٽن جي بنياد تي آصف علي زرداري ملڪ جو صدر بڻيل آھي ۽ موصوف ئي سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن وارن معاھدن تي صحيح ڪري ڇڏي آھي! زرداري صاحب کان ته اڳوڻو صدر جناب عارف علوي سوين دفعا بھتر ھو جيڪو پنھنجي پارٽي مفادن ۽ سندن پارٽي اڳواڻ ۽ سندن مقصدن جي پورائي لاءِ ھر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار رھندو ھو. ھڪ پاسي زرداري سنڌ جي پاڻيءَ تي سودو ڪري چڪو آھي ته ٻئي پاسي سنڌي ماڻھن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان بچڻ لاءِ نثار کھڙي جھڙا سنڌ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ اھڙن معاھدن جي مخالفت جو ڍونگ رچائي سنڌي ماڻھن جي اکين ۾ سرمو پائڻ جھڙو ڪم پيا ڪن. سنڌ مان صوبائي، قومي توڙي سينيٽ جھڙن ادارن ۾ پھتل نام نھاد سردارن، پيرن ۽ وڏيرن وٽ بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين پاران چونڊيل نمائندن جيتري ھمٿ ڪونه ٿي ڏسجي، جيڪي وقت اچڻ تي پنھنجي پنھنجي قومي مفادن جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيندي ويرم ئي ناھن ڪندا.
ملڪ جي باني قائد اعظم پاڪستان جي آزادي بعد چيو ھو ته، “جيڪڏھن توھان (ھندو ۽ مسلمان ۽ ٻيا) ماضيءَ کي وساري پراڻا جھيڙا ۽ وير قبرن ۾ دفن ڪري، ھڪ ٻئي سان ساٿ ڏيئي ھلندا ته توھان لازمي طرح ڪامياب ٿيندا…ان ڳالھ تي آئون جيترو زور ڏيندس اوترو ٿورو ھوندو…اسان کي ان جذبي سان ڪم ڪرڻ کپي ۽ وقت گذرڻ سان اڪثريت ۽ اقليت وارين ۽ ھندو برادريءَ ۽ مسلمان برادريءَ وارين ھيٺ مٿاھين جا فرق ۽ ويڇا غائب ٿي ويندا!” پر افسوس ته قائد اعظم جي خيالن جي ابتڙ پياري پاڪستان کي ھلايو پيو وڃي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ مذھبي رواداري صفا سوليءَ تي لڙڪيل آھي بس ڏيئي وٺي سنڌ اندر رواداري، مذھبي ھم آھنگي، سيڪيولر رويا اڃا تائين برقرار آھن ۽ آمر ضياءَ جي باقيات کي سنڌ جو اھو سڀاويڪ روپ اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀجي ٿو. اوندھ جي رکوالن سنڌ جي ڀائيچاري واري پرامن فضا کي پرزا پرزا ڪرڻ لاءِ، زھريليون سوچون ڌاريندڙ ڪيئي جنوني ملان ڇيڪ ڇڏي ڏنا آھن. اھي مذھب، فرقي ته ڪڏھن قومپرستيءَ جو چوڳو پائي پيا ھلن. ڳجھن ادارن جي ٽڪرن تي پلجندڙ ملان مولوي ھٿ ناٽ ڪري، سازشون جوڙي، ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي سنڌ جي صدين جي سچائيءَ کي ميسارڻ جون مذموم ڪوششون پيا ڪن. ڇرڪائيندڙ ڳالھ اھا ناھي، اھو ته شدت پسند سوچ ڌاريندڙن جو صدين کي وھنوار آھي، جنھن تي سندن روزي روٽي جو مدار رکيل آھي پر افسوس شھيدن جي پارٽيءَ جي وارثيءَ جي دعويدار پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي روين تي ٿئي ٿو، جيڪا سماج اندر ڏڦيڙ پکيڙيندڙن سان ته ڳراٽڙيون پائي ملي ٿي پر سنڌ جي شعور کي ھٿي وٺرائيندڙ آوازن کي بي درديءَ سان دٻائڻ وارو ڪڌو ڪم ڪندي شرم محسوس نه پيا ڪن. ڪراچيءَ اندر رواداري تحريڪ پاران نڪتل ريليءَ تي سنڌ پوليس جي عملدارن جو غير انساني سلوڪ ۽ تشدد پاڻ سڀني پنھنجي اکين سان ڏٺو ھو.
چيني آفيمي قوم سڄاڳ ٿي دنيا جي طاقتور قوم ۽ ملڪ جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪي آھي. ٻي جنگ عظيم ۾ بدترين شڪستون کاڌل ۽ تباھ برباد بڻايل ملڪ جاپان، جرمني ۽ اٽلي ھڪ دفعو وري پنھنجو اوج ماڻي چڪا آھن. ڪجھ وقت اڳ تائين اھي محاورا ھلندا ھئا ته “صفا ڪو بکيو بنگالي آھين” ۽ اھي بکيا بنگالي جڏھن جاڳيا ته انھن پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ کان ڪوھين اڳ ڪڍي ويا ۽ سندن سڪو “ٽڪو” اسان جي روپئي کي مات ڏيئي پنھنجو مان شان پيدا ڪيو. ٻيو ته ٺھيو پوئين چئن ڏھاڪن کان جنگ جي تباھ ڪارين جي ور چڙھيل طالبان جي ملڪ افغانستان جو سڪو پاڪستاني سڪي کان گوءِ کنيو بيٺو آھي.
ڀلا مان ھي ڳالھيون اوھان سان ڇو ٿو ونڊڻ چاھيان؟ انقلاب يا وڏيون تبديليون اھڙن سماجن اندر اينديون آھن، جتي وڏي پيماني تي سماجي ڀڃ ڊاھ عروج تي ھوندي آھي. اھڙا سماج جن ۾ مڙئي ادارا پنھنجو پنھنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ بدران انھن ادارن جا انتظام ڪار پنھنجن ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ مال ميڙڻ کي ترجيح ڏيندا آھن. اھڙن سماجن اندر عوامي بغاوت پيدا ٿيندي آھي. سري لنڪا ۽ بنگلا ديش ٻـ تازا مثال پنھنجي سامھون آھن. جتي عوامي سگھ سان ڇٽ پٽن سان لڳي ويا. جڏھن موٽي پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ٿا ڏسون ته اتي پڻ حالتون ساڳيون آھن پر ظاھر ۾ عوامي بغاوت جي ڪا چڻنگ دکيل نظر نـ ٿي اچي. دنيا جي انقلابن جي تاريخ پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھڙي ماحول ڪري دنيا اندر قومپرست، ترقي پسند انقلابي پارٽيون وجود ۾ آيون ۽ انھن پنھنجي مربوط حڪمت عملين، تنظيم ڪاري ۽ عام ماڻھن سان مئوثر رابطي ڪاريءَ جو انتظام ڪري سماج اندر وڏيون تبديليون آنديون. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ان قسم جي ماحول ھوندي سنڌ اندر ڪا وڏي اٿل پٿل، ڪا تبديلي، ڪو انقلاب، ڪو تحرڪ ڪا تحريڪ پيدا ڇو ڪونه پئي ٿئي؟ ڇا اسان جي مقدر ۾ ڪو سڻائو واءُ لکيل ئي ناھي؟ ڇا اسان سدائين غلامي، دربدري، ذلالت، غربت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ پيد ڪيا ويا آھيون؟ مان اوھان کي انھن سوالن تي سوچڻ سمجھڻ جي دعوت ڏيان ٿو ۽ مان پنھنجي ايندڙ ڪالم اندر پنھنجي سوچ آڌار انھن تي پنھنجون گذارشون پيش ڪندس.