“سنڌ جا قديم تاريخي قبرستان” سائين غلام عباس ڀنڀري جو 27ھون ڪتاب پوپٽ پبليڪيشن پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي ۽ اھو ڪتاب ڏيندي جناب خادم ڪلھوڙو صدارتي آرڊيننس وانگر مون کي مخاطب ٿيندي اھو فرمان جاري ڪيو تـه ڪتاب کي اڄ جو اڄ مڪمل پڙھي، ان تي پنھنجو رايو لکت ۾ کڻي اچ شام ان جي مھورت ۾ اھو اوھان کي پڙھڻو پوندو. اڄ ڪالھ ڪن ذاتي مونجھارن ڪري پڙھڻ لکڻ واري ديوي مون کان ڪوھين پري ھلي ويئي آھي پر صدارتي حڪم جو ٽارو ڪرڻ پڻ منھنجي وس ۾ ناھي. تڙ تڪڙ ۾ گهر پھچي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيم تـ پڙھندو ئي رھيس، خبر تڏھن پئي جڏھن ڪتاب جي آخري صفحن تي ڪتاب سان لاڳاپيل ماڳن مڪانن اندر تخليق ڪار جون تصويرون نظر آيون. انھن تصويرن مان ھر ھڪ کي وڏي اتساھ سان ڏٺم ۽ انھن جو جائزو ورتم. ھن ڪتاب ۾ سائين غلام عباس ڀنڀري مڪلي جو قبرستان، منصورن جو قبرستان سانگھڙ، شيخ طيت جو قبرستان، قادربخش جي قبن وارو قبرستان، خيرشاھ بخاري گهوٽڪيءَ واري قبرستان جو مطالعو پيش ڪيو آھي.
ڀنڀري صاحب ھن ڪتاب جو مواد سھيڙي لکڻ لاءِ ذڪر ڪيل سڀني ماڳن قبرستانن جو ذاتي طرح سرزمين تي وڃي جائزو ورتو، اتي مقامي ماڻھن کان ماڳن متعلق معلومات حاصل ڪئي، تاريخي ڪتابن جي مطالعي سان انھن جي ڀيٽ ڪري قلم بند ڪيو آھي. بظاھر ھي ھڪ ننڍڙو ڪتاب آھي پر ان جي لکڻ لاءِ لکاريءَ جيڪي سفر ڪيا، وقت سيڙايو ۽ پئسو خرچ ڪيو ان جو ڪاٿو اھي ماڻھو لڳائي سگهن ٿا جن اھڙو ڪم پنھنجو پاڻ ڪيو ھجي. تحقيق ڪري لکڻ ھڪ ٿڪائيندڙ ڪم آھي. جيڪڏھن ڀنڀرو صاحب چاھي ھا تـ انھن ماڳن مڪانن متعلق اڳ لکيل ڪتابن مان چونڊ ٽڪڙا کڻي ڪجھ پنھنجيون ڳالھيون ملائي ڪتاب مرتب ڪري سگھي پيو پر ائين ڪرڻ سان ڪتاب ۾ ھن وقت جيڪو رس ۽ چس آھي، اکئين ڏٺي منظرن جو جيڪو دل لڀائيندڙ ذڪر آھي اھو شايد نظر نـ اچي ھا. ھي ڪم ڪرڻ نوجوانن کي سونھي ٿو پر سچ چوندا آھن تـ جنھن جو ذھن جوان آھي اھو ڪڏھن بـ پوڙھو ٿي نـ ٿو سگهي، اسان جي محسن سائين غلام عباس ڀنڀرو جي ڳڻپ اھڙن انمول بزرگن ۾ ٿئي ٿي جيڪي ڪڏھن بـ ورچي ناھن ويھندا، ھر گھڙي، ھر پلڪ ڪو نـ ڪو لاڀائتو ڪم سرانجام ڏيندا رھندا آھن. سائين ڀنڀري صاحب جي قلم جي ڊوڙ واري رفتار ناقابل حد تائين تيز آھي ڪجھ سالن اندر ئي ٽيھن جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکي ڇپرائي پڌرا ڪيا اٿن، اھو ڪم ڪنھن اداري جو ٿي سگهي ٿو ۽ ھا سائين غلام عباس ڀنڀرو واقعي ھڪ ادارو آھي، صحافت جو، شرافت جو، علم ۽ عرفان جو، سخاوت جو ۽ اتساھ جو.
مون کي ھن ڪتاب جي جيڪا تمام سٺي ڳالھ وڻي اھا پڻ اھائي آھي تـ مشاھدو، مقامي ڄاڻو ماڻھن جي رھنمائي ۽ تاريخ جي ڪتابن مان انھن شخصيتن جي ڀيٽ وغيرھ. منصوره واري قبرستان جو ذڪر ڪندي سائين جن مکي ٻيلي جو پڻ ذڪر ڪيو آھي، جيڪو انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جي گوريلا ڪارواين جو ھيڊ ڪوارٽر ھو. افسوس تـ ان ماڳ جو ھاڻي ڪٿي نالو نشان بـ ناھي. ھڪ دفعي چوٽياريون ڊيم جو مطالعاتي دوري وقت سائين پروفيسر صديق انڙ ٻڌايو ھو تـ چوٽياريون ڊيم دراصل مکي ٻيلو ھو، جنھن کي فوجي ڀائرن کي تحفي ۾ مليل سانگھڙ جي سون اپائيندڙ زمينن جي آبياري لاءِ چوٽياريون ڊيم جوڙيو ويو ھو ۽ ان نموني اسان جي تاريخ جو ھڪ سنھري باب ھميشـ لاءِ ڌرتيءَ تان گم ڪيو ويو آھي. مڪليءَ جي قبرستان جي سير وقت ليکڪ ھر ھڪ قبر جو خبرداريءَ سان جائزو ورتو، اتي لڳل تختين تان انھن جا نالا، پيدائش ۽ فوتگي جا ڏھاڙا لکي محفوظ ڪري ڇڏيا آھن. شيخ طيب جي قبرستان جو ذڪر ڪندي اتي دفنايل ڌاڙيلن جو ذڪر پئي پڙھيم تـ ائين لڳو جھڙوڪر اھو ڊاڪوئن جو قبرستان ھجي پر اڳتي ھلي ڪري خبر پئي تـ ائين ناھي. ساڳي قبرستان ۾ سنڌ جا ڪيترائي انمول انسان مدفون آھن، جن پنھنجن زندگين ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو ھو. مون کي ھن ڪتاب پڙھڻ سان پھريون ڀيرو اھا خبر پئي تـ ڀنڀرا ۽ ڏھر دراصل ڪشمير جي واديءَ مان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيل آھن، جيڪي ھتي اچڻ بعد مسلمان ٿيا.غ ع ڀنڀري صاحب جڏھن قبرستانن جي بي حرمتي ٿيندي ڏٺي ۽ اتي ڍور ڍنگر ۽ ٻڪريون چرندي ڏٺا تـ کيس اھي عمل بلڪل نـ وڻيا ۽ اھڙي بي ڌياني تي ادارن تي تنقيد سان گڏ تجويز پڻ رکي تـ انھن قبرستان جي چئوگرد مضبوط ڀتيون ڏياريون وڃن.
ڀنڀري صاحب وقت منصوري قبرستان سانگھڙ کي گھمندي وقت جي حڪومتن، ادارن سان گڏ حر جماعت جي دوستن کي ڪارائتيون تجويزون ڏيندي لکي ٿو تـه، “منھنجي تجويز آھي تـ ھن قبرستان کي، قبرستان سان گڏ خوبصورت تفريح گاھ بڻائڻ گهرجي. ائين جيئن اسلام آباد، لاھور، ڪراچي ۽ ٻين ھنڌن جا ڪافي قبرستان تفريحي مرڪز پڻ بڻيل آھن. ان لاءِ وقت جي حڪومتن کي ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي پر وقت جون حڪومتون جيڪڏھن تعاون نـ ڪن تـ حُر جماعت وڏي جماعت آھي، ان جي خليفن کي گڏجي ھن قبرستان جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ قبرستان کي خوبصورت تفريح گاھ بڻائڻ جا منصوبا ٺاھي ان تي عملي ڪم ڪرڻ گهرجي.“
مان ڀنڀري صاحب جي ان صلاح سان سئو نـ پر ٻـ سئو سيڪڙو متفق آھيان. سنڌ ۾ ڪيئي تاريخي ماڳ مڪان آھن، قبرستانن سان گڏ ڍنڍون ڍورا، ريگستاني علائقا آھن، سونھن ڀريا جابلو سلسلا آھن، سامونڊي ڪنارو آھي پر افسوس تـ انھن مان اڪثر بيواھي عورت وانگي نظر انداز ٿيل آھن. ضروري آھي تـ اھڙن سڀني جڳھين کي تفريحي مقام بڻائڻ جون رٿائون تيار ڪيون وڃن. امن امان جي جي صورتحال بھتر بڻائي وڃي. ھن قسم جي تجويز ڪو اونھي نگاھ رکندڙ (Visonary) انسان ئي رکي سگهي ٿو. افسوس بس اھو آھي تـ سنڌ اندر واسطيدار ادارا خوبصورتين جا جھڙوڪر دشمن آھن. دنيا ۾ ھن وقت وڏي ۾ وڏي انڊسٽري ٽوئرسٽ انڊسٽري آھي. ڪجھ ملڪ تـ اھڙا آھن جن جي سمورو اقتصادي وھنوار سيلانين جي گهمڻ ڦرڻ ۽ خرچ ڪرڻ مان حاصل ڪيو ويندو آھي.ڀنڀري صاحب گهوٽڪي ضلعي جي خيرشاھ قبرستان جي دوري وقت پڻ ھڪ تمام اھم تجويز ڏني آھي تـه، “جن جن قبرستانن ۾ شھيد حُر ابدي آرامي آھن، انھن جي نالن جي فھرست قبرستانن جي مرڪزي دروازن تي لڳائي وڃي ۽ انھن جي قبرن تي سندن نالن جون تختيون لڳايون وڃن…”. اھو ڪم نـ تـ ڪو مھانگو آھي نـ ئي ان ۾ ڪا راڪيٽ سائنس گهربل آھي. بس قبرستانن جا رکوالا يا انھن جي آس پاس رھندڙ ساڃھه وند، يا شھيدن جا وارث اھو ننڍڙو ڪم بخوبي سرانجام ڏيئي سگهن ٿا. ان ڪم جي سرانجامي لاءِ سنڌي، اردو، انگريزي ادب، يا تاريخ، اينٿروپالاجي جي فيلڊ ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسڪالرن کي سندن سپروائيزر اھڙي ڪم ڪرڻ جا ڏس پتا ڏيئي سنڌ جي گم ٿي ويل، لڪي ويل سنھري تاريخ کي جياري سدائين لاءِ محفوظ ڪري سگھن ٿا.