ٽوئرسٽ انڊسٽري پوري دنيا ۾ ڪمائيءَ جو ڪامياب وسيلو آهي، ڪيترا ملڪ ته مڪمل نموني ان انڊسٽريءَ جي ڪمائيءَ تي هلندا آهن. سنڌ ۾ ان انڊسٽريءَ لاءِ ڪيتري گنجائش ۽ موقعا موجود آهن، اچو ته هلڪو جائزو ٿا وٺون:
ڪجھ سال اڳ ڪشمور جي دوستن سان ڪشمور جي ھڪ ڪچي واري پرامن علائقي ۾ گُهمڻ جو اتفاق ٿيو ھو. ڇا ته سُونھن سوڀيا ھئي، جيڪي مختلف فصل پوکيل ھئا، اصل سون جي پيداوار ڏيندڙ لڳا، صحتمند ڪمند جا ڪانا ايترا ته قدآور ھئا، جيڪڏھن ڪو اُٺ انھن جي وچ ۾ ھليو وڃي ته گم ٿي وڃي، ڪچا گاڏر رستا، رستن ڀرسان قائم وسنديون، خالي زمين جي ميدان تي ڳوٺ جي ٻارن پاران ونجھ وٽي راند جا مقابلا، گهاٽا چھچ ساوا وڻ، جن جي ٿڌڙي ڇانءَ مان ماڻھوءَ جي اٿڻ لاءِ دل ئي نه گهري، آس پاس جي فصلن ۾ ٻوليندڙ تتر ۽ ٻين پکين جا وڳر، سنڌو درياءَ بادشاھ جو وسيع دامن، تمام پري نظر ايندڙ ان جو ٻيو سرو، درياءَ جي دامن ۾ وري خشڪ زمين ۽ ان زمين تي وڻن جا جھڳٽا، جھڳٽن ۾ پاڻيءَ جي پکين جي شڪار لاءِ جوڙيل مورچا، مورچن ڀرسان پيل خالي ڪارتوس، نرم دريائي زمين ۾ قدرتي طرح جڙي ويل ڌٻڻ، جن تي پير رکڻ سان ماڻھو جھڙوڪر ڪوڙڪيءَ ۾ اٽڪي پيو ھجي، درياءَ ۾ ٻيڙيءَ جو سير، مڇيءَ جو شڪار، ڳوٺاڻن پاران نيرن ۾ آندل لسي، مکڻ ۽ پراٺا، ڀوڳ چرچا، مانجھاندي ۾ ديسي مرغيءَ جو ٻوڙ، جنھن کي کائيندي پيٽ ئي نه پيو ڀرجي، ڪنھن پوري حويليءَ جيترو گهاٽو وڻ، جنھن جي ھيٺيان رکيل ڏھاڪو کن کٽون، ھيٺ وڇايل ڀٿرڻيءَ تي ڳوٺاڻن پاران ڇھ باز پتي راند جون بازيون، ڪھڙي ڳالھ لکي ڪھڙي لکان.
جيڪڏهن سنڌوءَ جي ڪنارن سان مختلف جاين تي ٽوئرسٽ جايون جوڙايون وڃن ته پوري دنيا مان فطري حسن جا عاشق پروانن وانگر اتي اچي گڏ ٿين. مان ڪيترن سالن کان روھڙيءَ کان ڪوٽڏيجيءَ تائين پکڙيل جابلو سلسلي جو مشاھدو ڪندو رھيو آھيان، خاص ڪري سيارو ايندي ئي اسان ھر ٻئي يا ٽئين ڏينھن پنھنجي کوجنائي سفر جو پروگرام جوڙيندا آھيون. روھڙي ھلس رڳو سنڌ نه پر پوري انسانذات جي ارتقائي دؤرن جون شاھد ٽڪريون آھن، جيڪي سمنڊ مان نڪتل آھن. سمنڊ، جنھن کي مري ويل ھاڪڙي ندي ۽ سنڌو نديءَ جي مٺي پاڻين پوئتي ڌڪيو ھو ۽ ھي ٽڪريون ڌرتيءَ تي نڪري نروار ٿيون ھيون. ان وقت جيڪا سامونڊي جيوت ھئي، اھي فاسلس جي شڪل وٺي ٽڪرين جو حصو بڻجي رھجي ويو ھيون ۽ پنھنجن عجيب غريب شڪلين سان اسان کي پنھنجي دؤر جي وارتائن جا قصا بيان ڪرڻ لاءِ آتيون ٿيون ڏسجن پر افسوس ته ڪير به کين ٻڌڻ وارو ناھي! انھن دؤرن کان بعد ھنن جابلو سلسلن ۾ انسانن پنھنجو مسڪن جوڙيو، لک سوا لک سال اڳ پيليوليٿڪ دؤر جي انسانن پنھنجا ماڳ مڪان ھتي جوڙيا، انھن ڀٿر مان باھ ٻارڻ جو ھنر سکيو، انھن ڀٿر ٽڪي انھن مان سندن پنھنجي دؤر جي تقاضائن مطابق ھٿيار ۽ اوزار ٺاھيا. انھن اوائلي انسانن پاران ٽڪرين مٿان مليل سوين ايڪڙن تي مشتمل ورڪشاپن تي ٿيندڙ ڪم کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اھي انسان پنھنجو وکر واپاري مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪندا ھوندا. ڪن ماھرن جو ته اھو پڻ خيال آھي ته، مُهين جي دڙي جي آڳاٽي رھواسين دريائي رستن ھوندي ھنن ٽڪرين تي جڙيل اوزارن مان استفادو حاصل ڪيو ھوندو. مان مٿي روھڙي ھلس جي متعلق جيڪي ڳالھيون لکي آيو آھيان، اھي ڪي ھوائي ڳالھيون ناھن پر انھن جا چٽا، اڻ مٽ ثبوت اڄ به اتي موجود آھن ۽ جيڪڏھن ڪو دوست انھن کي ڏسڻ گهري ته اسان سندن ميزباني ڪري خوشي محسوس ڪنداسين. اسان پنھنجي پاڙيسري جابلو سلسلن جي ھنن رولھڙن ۾ رڳو فاسلس ناھن ڳولھيا “ڪي سيوِن” جھڙا عظيم غار پڻ ڳولھي ھٿ ڪيا آھن، جيڪي جيڪڏھن ڪنھن مھذب ملڪ ۾ ڳولھي ھٿ ڪيا وڃن ھا ته انھن کي ڏيھان ڏيھي مشھوري ڏيئي دنيا جھان جا سيلاني گهرائي ملڪ لاءِ ناڻو ڪمائڻ جو سبب بڻجن ھا. افسوس ته ھي قيمتي ماڳ مڪان نڌڻڪي سنڌ ۾ آھن، جنھن تي ڪنھن جو ڪو ڌيان نه ٿو وڃي.
ڪراچيءَ کان نڪري، سيوھڻ، دادو، قمبر شھداد ڪوٽ کان بلوچستان جي سرحدن سان لڳ جيڪو عظيم جابلو سلسلو آھي، اھو به گهٽ ناھي. ان جابلو سلسلي ۾ گورک، بڊو، ڀت جبل اچي وڃن ٿا. جتي ٿڌي موسم رھندي آھي، آبشار وھندا آھن ۽ انھن ۾ ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان آھن. مان بڊو جبل گُهمي آيو آھيان، جتي اونھاري ۾ سوڙ پائي سمھڻ واري ٿڌ ھوندي آھي. بڊو جبل، جنھن کي هاڻوڪي وزير اعلى سنڌ مراد علي شاھ جي والد تڏھوڪي وزير اعلى سنڌ مرحوم سيد عبداللھ شاھ آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھو. ڪائي اسٽاپ کان وٺي بڊي تائين روڊ تعمير ڪرايو ھئائون، ھڪ اسپتال جوڙيو ويو ھو، پاڻي ۽ بجليءَ جو بندوبست ڪيو ويو ھو پر عبداللھ شاھ راھ رباني وٺي ويو ته اھي منصوبا پڻ رلي ويا.
سنڌ جو ڪوهه مري گورک مان ذاتي طرح گُهمي نه سگهيو آھيان پر سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي اھي خبرون پڙھندا آھيون ته ان ماڳَ تي ڪنھن مخصوص سياسي شخصيت جو تسلط آھي، جنھن کي وقت جي حڪومت جي پٺ ڀرائي حاصل آھي ۽ گورک ماڳ کي سنوارڻ، سھولتون پھچائڻ بدران موصوف ان مان ذاتي خزانن کي ڀرڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آھي. ان جو ثبوت ٽُٽل روڊ آھن، جن تي سفر ڪندي ڪيتريون ئي قيمتي جانيون زيان ٿي چڪيون آھن.
ڪارونجھر جبل جو سموري سنڌ وانگي مان پڻ عاشق آھيان. مون پاڪستان جي اترين علائقن ۾ آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ برف پوش واديون ڏٺيون آھن، جابلو سلسلن جي پاڙن ۾ وھندڙ دريائن جو مشاھدو ڪيو آھي، مڪمل نموني وڻن ٽڻن سان جھنجھيل جبل ڏٺا آھن، اھي تمام خوبصورت آھن ۽ خاص ڪري اونھاري ۾ جنت جھڙو ڏيک ڏيندا آھن. جيڪڏھن مان ڪارونجھر جبل کي انھن جھڙو ئي سُھڻو، دِل لڀائيندڙ ۽ دل پذير چوان ته ڪو وڌاءُ نه ھوندو، جيتوڻيڪ اُترين علائقن وارن جبلن جي جاگرافيائي بيھڪ، موسمي حالتون ۽ ڪارونجھر جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ موسمي حالتن ۾ وڏو فرق آھي پر انھن سڀني ماڳن مڪانن جو سير دل تي اڻ مٽ نشان ڇڏڻ جو سبب بڻجندا آھن.
مُهين جو دڙو، ڪوٽ ڏيجيءَ جو ڦٽل شھر، ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو، رني ڪوٽ جو قلعو، امر ڪوٽ جو قلعو، ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان قدرتي سفاري پارڪ مھراڻو، ليلا جا پتڻ، وڄڻوٺ جو دڙو، ڪاھوءَ جو دڙو، لاکين جو دڙو رڳو چند مثال آھن، جيڪي ھن ڌرتيءَ جي عظمت ۽ ھشمت کي ظاھر ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. ان جو ٻيو پاسو ھِيءُ آھي ته، اھي سڀ ماڳ مڪان حال کان بيحال آھن، نه مناسب پرگھور، نه مرمت، نه صفائيءَ جو خيال، نه سھولتون بس اردو چوڻيءَ مطابق ته، “چلي جا رھي ھين خدا ڪي سھاري…”.ھن وقت تائين مان ھاليجي ڍنڍ ته وڃي نه سگھيو آھيان پر ڪينجھر ۽ منڇر ذاتي طرح گُهمي ڏٺا آھن ۽ جڏھن به اُتي ويو آھيان ته دل گُهرندي آھي بس انھن علائقن جي آس پاس مھاڻن جي ڳوٺن وٽ پنھنجو گهرڙو جوڙي ويھي رھان ۽ روزانو ڪينجھر ڪناري اچي لطيف سائينءَ جي سُر راءِ ڏياچ جا گيت جھونگاريان. ڪينجھر ۽ منڇر ائين آھن جيئن سون جي منڊيءَ ۾ ڪنھن قيمتي ھيري پٿر جو جڙائو. افسوس ان ڳالھ جو ٿيندو آھي ته ٻنھي ڍنڍن جي آس پاس رھندڙ منھنجن مٺڙن ماروئڙن جي زندگي انتھائي ڏکن، تڪليفن، اھنجن ۽ ايذائن واري آھي، جيئن ته مان ھي ڪالم ڪنھن ٻئي پاسي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پيو لکان، ان ڪري ماروئڙن جي درد ڪٿا وري ڪڏھن ٻئي ڪالم ۾ بيان ڪندس. مان ھتي اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته قدرتي سونھن سوڀيا جي ڪروڙين عاشق انسانن کي اھا خبر ئي ناھي ته سنڌ اندر ھن قسم جا ماڳ مڪان پڻ آھن. ھنن اڻ ميچ خوبصورتين وٽ يا آس پاس ۾ ڪي به اھڙيون سھولتون موجود ناھن ته جڏھن ڪو ٻاھريون سيلاني ھتي اچي ته سک ۽ چين سان رھي ھنن خوبصورت ماڳن مڪانن مان حظ حاصل ڪري سگهي.
سنڌ کي بدين کان وٺي بلوچستان جي سرحدن تائين ڊگھو سامونڊي ڪنارو آھي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اھڙا علائقا آھن، جن کي ڪي سامونڊي ڪنارا ناھن. سنڌ ۽ بلوچستان وارا خوشنصيب آھن ته انھن وٽ پنھنجا پنھنجا سامونڊي ڪنارا آھن، جتي بندرگاھ جُڙيل آھن. پوري دنيا ۾ سمنڊ جا ڪنارا سير تفريح ڪرڻ، آرام ۽ آنند حاصل ڪرڻ وارن لاءِ جنت جهڙو درجو رکندا آهن.
مُون سنڌ اندر ڪن ٿورن ماڳن مڪانن جو سرسري جائزو پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن اُتي امن امان هجي، فول پروف حفاظتي انتظام هجن، ريل، روڊ، رھائش، کاڌي پيتي جون مناسب سھولتون هجن، انھن جي ملڪان ملڪ مشھوري ٿيل هجي ته جيڪر لکين سيلانين جون سوناميون ھتي اچي ڪڙڪن ۽ عام ماڻھن سان گڏ حڪومت جي آمدنيءَ ۾ ڪروڙن ڊالرن جي مستقل آمدني جو سلسلو جُڙي پوي. اھو ھڪ ‘ديواني جو خواب’ آھي ۽ اھو ڪم به ڪو ديوانو ئي ڪندو، باقي موجوده حڪمرانن مان اھڙي ڪا اُميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ جي برابر آھي.