ڇوليون … سماج اندر موجود ‘چار چڱايون’

0
23
ڇوليون ... سماج اندر موجود ‘چار چڱايون’

  چند ڏينھن اڳ ڪجھ ساڃاھ وندن سان ڪچھريءَ وقت مون کانئن ھڪ سوال ڪيو ته، “مھرباني ڪري مون کي سنڌي سماج اندر جيڪي ‘چار چڱايون’ موجود آھن يا دنيا جي تيز رفتار ترقي کي ڏسي اسريون يا نسريون آھن ته انھن متعلق ٻڌايو؟”. ٿوري دير خاموشي ڇانئجي ويئي ۽ سڀ ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا، مون جھڙو ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھ ڪئي ھجي. رڳو ان ھڪ ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جو سماج ڪيترو پوئتي رھجي ويو آھي، جنھن ۾ براين جا ته انبار لڳل آھن پر چڱاين کي ڳولھڻو ٿو پوي! اسان مان ھر ماڻھو سماجي ڀڃ ڊاھ کان واقف آھي. ڇوته ظاھر ظھور اھي اسان جي زندگين جو حصو بڻيل آھن. اغوا، بدامني، قتل ۽ فرقيواريت جي نالي ۾ خوني فساد، تعليمي تباھي، بيروزگاري، شھرن جا تباھ حال روڊ، روڊن تي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي وھندڙ گٽر جو پاڻي اڄ جو سچ آھن. ٻارڙن جي ذھني ۽ جسماني نشونما ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ راندين جا ميدان، پارڪ ۽ لائبريريون يا ته بلڪل ناھن پر ان مد ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون سھولتون آھن به ته انھن جي شڪل گهڻي بگڙيل آھي. ٿاڻا گهاڻا بڻيل آھن، اسپتالون ڪوس گهرن جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آھن، سرڪاري محڪمن ۾ ڪوبه ڪم ڪار بنا رشوت جي ٿيڻ ممڪن ئي ناھي. انھن سڀني ڳالھين ملائي سلائي غربت کي جنم ڏنو آھي ۽ سماج اڳتي وڌڻ بدران پوئين وک پيو ھلي، ترقي بدران تنزليءَ ڏانھن گامزن آھن، اھڙي ماحول ۾ چڱايون ڳولھڻ، وارِيءَ جي ڍيرَ ۾ سُئي ڳولھڻ برابر آھي.

ڪجھ سوچ ويچار بعد، سنگت بھرحال ڪجھ ڳالھيون ڳولھي ھٿ ڪيون. مثال طور، ھن وقت مجموئي طرح سنڌ اندر تعليم جي اھميت، افاديت جو ھر ماڻھو قائل ٿي چڪو آھي. شھري ھجن يا ڳوٺاڻا، اھي پنھنجا ٻار پڙھائڻ جي ڀرپور خواھش رکن ٿا پر سرڪاري تعليمي ادارن جي کوٽ، ناقص ڪارڪردگي، اسڪولن اندر ضروري سھولتن جي اڻھوند، انھن جي خواھشن آڏو رڪاوٽ بڻيل آھن، ٻئي پاسي اڪثريت وٽ خانگي تعليمي ادارن جون فيون ڀرڻ جي سڪت بلڪل ناھي. اڳ ئي جُنونين جي جھالت ڀريل ڳالھين، نام نھاد غيرت، گهر جي عزت جي نالي ۾ ڇوڪرين کي تعليم کان پري رکڻ جو جيڪو رجحان ھو، اھو پڻ گهٽيو آھي. جيتوڻيڪ ان جي سراسري گهٽ آھي پر چڱي ڪم جي شروعات بھرحال ٿي چڪي آھي. ھر ذات، قبيلي جي مٿئين طبقي جون نياڻيون اڳ ئي اعلى تعليم پرائين ٿيون، ھيٺئين طبقي ۾ ڇوڪرين کي پڙھائڻ وارو رجحان وڌي رھيو آھي. ھاڻي يونيورسٽين جي داخلا جي انٽري ٽيسٽ وقت ھر يونيورسٽي جي گيٽ وٽ ميلا مچي ويندا آھن، ھزارين اميدوار جن ۾ خاصو انگ نياڻين جو پڻ ھوندو آھي، داخلا جي ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪنديون آھن. پر وچين طبقي جي منفي روئي تي پڻ ٽيڪا ٽپڻي ٿي، جيڪو مونجھاري جو شڪار آھي. وچون طبقو ڇوڪرين جي تعليم جو رڳو ان ڪري قائل آھي ته جيئن سندن رشتا “چڱن” گهراڻن ۾ ٿي سگهن. وچين طبقي جا اڪثر ماڻھو پنھنجين نياڻين کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر جھڙي پروفيشنل تعليم ڏياري بعد ۾ سندن شاديون ڪرائي ھميشه لاءِ انھن کي گهر جي چلھن جي حوالي ڪري ڇڏيندا آھن. معياري تعليم ۽ سٺي تربيت نياڻين کي اقتصادي، سماجي ۽ نفسياتي طرح پنھنجي پيرن تي بيھڻ وارو اعتماد پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي.

سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجي ڳوٺ ۽ تر نه ڇڏڻ (ھوم سِڪنيس) جو جيڪو مدي خارج رويو ھو، ان ۾ گهٽتائي ٿي آھي، جيڪا تمام سٺي ڳالھ آھي. کڻي جو اھو رجحان شعوري طور گهٽ پر قدرتي آفتن جھڙوڪر ٻوڏن، ڏڪارن ڪري وڌيڪ ٿيو آھي، پر ڇا به ھجي قدرتي آفتن جي شڪار ماڻھن مجبور ٿي پنھنجا گهر ڇڏي جڏھن وڏن شھرن ۾ پناھ ڳولھي ته اتي کين زندگي گذارڻ جا سوين گس ملي ويا ۽ اھي ان رنگ ۾ رنڱجي ويا. ھڪ دفعي دوست سان گڏ ڇاڇري واري پاسي ٿر جي ھڪ ٽوئر ۾ ھندستاني سرحدن کان ٻارنھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ترانگڙي وڃڻ جو اتفاق ٿيو ھو ۽ اتي مقامي ماڻھن ٻڌايو پئي ته ھتي جيڪي به ڪمائڻ لائق مرد آھن، سي سڀ ڪراچيءَ ۾ ڪمائيندا آھن ۽ ڳوٺن ۾ ته بس ڪي چند پوڙھا ئي مستقل رھيل آھن. اڳ ھڪ شھر کان ٻئي شھر ويندي اسان پنھنجو پاڻ کي پرديسي سمجھندا ھئاسين ۽ پنھنجي گهر ۽ تر کي ياد ڪري روئندا رھندا ھئاسين. ماحول جي جبر، اقتصادي مونجھارن يا روين ۾ تبديلين جي ڪري ھاڻي سنڌي ماڻھو گھر ۽ تر ڇڏڻ کي برو نه ٿا سمجھن. ڪمائڻ، اعلى تعليم جي حصول، وڻج واپار وارن رجحانن ڪري لکين سنڌي سنڌ جي وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر کان سواءِ پنجاب جي شھرن، لاھور، راولپنڊي، فيصل آباد، ملتان، بھاولپور سان گڏ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ وڃي آباد ٿيا آھن ۽ وقت گذرڻ سان سندن انگ وڌي رھيو آھي. سنڌ جي ماڻھن کي تاريخ ۾ پھريون دفعو اھو ادراڪ ٿيو آھي ته شير شاھ جو شڪرو بڻجي گهر جا ڪڪڙ مارڻ بدران ھمٿ ۽ حوصلو ڌاري دنيا کي فتح ڪرڻ ممڪن آھي. سنڌ جا نوجوان رڳو پاڪستان جي وڏن شھرن ۾ ناھن پھتا پر انھن چين ولايت، دبئي، سعودي، قطر، ملائيشيا، ڪويت مسقط، آمريڪا، آسٽريليا، ٽورنٽو، جاپان سان گڏ يورپ جي ملڪن اٽلي، ترڪي، فرانس، جرمني، برطانيا ۽ ٻين ملڪن جا وڃي وڻ وسايا آھن. جتي ھُو پڙھن ٿا، نوڪريون ۽ ڪاروبار ڪن ٿا ۽ مختلف نموني پاڻ مڃائي رھيا آھن. ھن وقت ڪراچي شھر سنڌي ماڻھن سان ڀريل نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ گهڻو تڻو اھي مزدوري ڪن ٿا، چنگچيون ھلائين ٿا، بيراگيري ڪن ٿا، ڪجھ ننڍا ڪاروبار جھڙوڪر سبزي جو ريڙھو لڳائڻ، پنڪچر جا دڪان، ڪريانا اسٽور ھلائين ٿا. اھا سٺي شروعات آھي. انھن جيڪڏھن مستقل مزاجيءَ سان اتي پنھنجو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪجھ ڏھاڪن ۾ ئي اھي پنھنجي دڪانن، ڪاروبارن، فليٽن جا مالڪ بڻجي ويندا.

ٻي جيڪا سٺي ڳالھ نوٽ ڪئي ويئي. اھا ھئي سوشل ميڊيا جي پاور سان ڪيترائي نام نھاد پير، شوڪارن ڦوڪارن وارا مولوي، ٺڳ سياستدان ماڻھن آڏو بي نقاب ٿي پيا آھن. اھڙا ڪردار جيڪي مذھب ۽ قبيلي جي عزت، سياست جي نالي ۾ ماڻھن کي ٺڳين ٿا، کين ورھائين ٿا، ويڙھائين ٿا، اھي پڌرا ٿي پيا آھن. جيتوڻيڪ سماجي ٻنڌڻن کان مجبور عام ماڻھو انھن سان نفرت ڪرڻ باوجود به انھن جي پوئواري ڪرڻ تي مجبور آھن پر سندن اندر ۾ انھن خلاف جيڪو ٻرندڙ جبل وارو آويو پچي رھيو آھي، اھو جڏھن ڦاٽو ته ڇٽ پٽن سان لڳي ويندا ۽ نام نھاد چڱا مڙس، سياستدان، پير، سردار ان باھ ۾ سڙي رک ٿي ويندا.

ھونئن سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ چونڊيل نمائندن جو انداز عوامي گهٽ پر شھنشاھيت وارو وڌيڪ آھي. انھن بس ٻه ڪم ڪيا آھن، ھڪ پارٽي اڳواڻن جي خوشامد ۽ ٻيو سنڌ جي مصيبت ڀري ماڻھن کي چيٿاڙڻ! سندن انھن روين جي ڪري سنڌ صوبو ھر شعبي ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن کان پوئتي رھجي ويو آھي. ان ھوندي به جيڪي چار چڱا ڪم انھن جي ھٿان ٿيا آھن. انھن جو ذڪر نه ڪرڻ، مناسب نه ٿيندو. مثال طور، نيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (NICVD)  جون اسپتالون، جيڪي مختلف شھرن ۾ قائم ڪيو ويون آھن، انھن عام ماڻھن کي وڏو رليف ڏنو آھي. اھو ھڪ عام ڀلائيءَ جو اھڙو مثال آھي، جنھن کي سنڌ تي حاڪمي ڪندڙ ملڪ جي وڏن ايوانن ۾ پنھنجو وڏو ڪارنامو ڄاڻائيندي فخر محسوس ڪندا آھن.

جيتوڻيڪ سرڪاري سرپرستي ۾ ھلندڙ يونيورسٽين جي تعليمي معيار تي جائز تنقيد ڪري سگھجي ٿي پر ان مد ۾ جيڪي اڳڀرايون ڪيون ويون آھن، انھن جي نشاندھي پڻ ضروري آھي. مان ھتي اتر سنڌ جي ڪجھ شھرن ۾ نون تعليمي ادارن جي ڳالھ ڪندس. سکر روھڙي باءِ پاس تي اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيچر، ڊزائين اينڊ ھيريٽيج روھڙي، ان جي ڀرسان وسيع ايريا سکر آءِ بي اي يونيورسٽي لاءِ رکڻ، ڀرسان ئي عورتن لاءِ “بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر”، اتي ئي علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس، سکر شڪارپور باءِ پاس تي ٻارڙن لاءِ ھڪ تمام وڏي سرڪاري اسپتال جو قيام، خيرپور ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي (MUET)،  شھيد زيڊ اي ڀٽو ڪيمپس خيرپور، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج، گهوٽڪي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪيمپس، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور قائم ڪيا ويا آھن. وقت گذرڻ سان گڏ انھن ادارن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ٿيندا رھندا ۽ معيار ۾ وڌارو ٿيندو.

ھڪ آخري چڱائي ڄاڻائي مان پنھنجي ھن ڪالم جي پُڄاڻي ڪندس، اھا هِيءَ ته، سکر آ بي اي يونيورسٽي جي سيبا ٽيسٽنگ سروس پاران جي ايس ٽي، پي ايس ٽي جا امتحان ۽ انھن ۾ اھليت جي بنيادن تي ڀرتيون. ھي ڪم تمام گهڻي اھميت وارو ھو، جنھن کي ساراھڻ بنا رھجي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ ھي ڪم هاءِ ڪورٽ جي ھڪ باشعور جج جي ڏنل ججمينٽ جي روشني ۾ سنڌ حڪومت مجبور ٿي ڪيو ھو پر ان ھوندي به ھو قابل داد آھن ته ھزارين اھل استاد ڀرتي ڪيا ويا آھن. اسان سنڌ وارن لاءِ شل ڪو اھڙو سڀاڳو ڏينھن اڀري ته اسان پنھنجي سماج اندر براين کي ڳولھيندي به ڳولھي نه سگھون ۽ ھر پاسي بس چڱايون ئي چڱايون نظر اچن.